ڪڪڙ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، ٻوڏ ستايل متاثر روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ ۾ بدامني خلاف ۽ چوري ٿيل سامان جي واپسي لاءِ ٻوڏ جا ستايل متاثر ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪڪڙ جي  ڳوٺ اميد علي ٻٻر جي ٻٻر  برادرين جي ٻوڏ جي ستايل متاثرن پاران علائقي اندر بدامني ۽ چوري ٿيل سامان جي واپسي لاءِ ڪڪڙ پوليس خلاف ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، قمرالدين ٻٻر جاويد جاڙو خان موريل طالب حسين اعجاز حسين عبدالعزيز منير نواز  سميت ٻين چيو آھي ته مھاٻوڏ کانپوءِ ڪڪڙ ٿاڻي اندر چورن ڳوٺ اميد علي ٻٻر سارنگ سميت علائقي اندر چورن تر تپائي ڇڏيو آھي، سج لھڻ بعد چور ھٿيارن جي زور تي خيمن ۾ ترسيلن ٻوڏ متاثرن عورتن مردن کي يرغمال ڪري کين تشدد ڪري کين گھرو سامان اناج مال جو چارو لوھ سون رقم ڦرڪرڻ جي واداتن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، اسان جو چورن جيئڻ جنجال ڪري ننڍون حرام ڪري ڇڏيون آھن، اسين عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور  آھيون، ڪالھه رات شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ کانپوءِ جاويد ٻٻر رات دير سان ڳوٺ ۾ بيٺل ٻوڏ جي پاڻي جي ٽيوب ويل ذريعي ڪڻڪ جي پوکائي  لاءِ زمين جي ڀرائي دوران کين تشدد زخمي ڪري موبائل فون ٽوڙي ٽيوب ويل کڻي ويا، ڪڪڙ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود پوليس ڏوھارين خلاف گرفتار نه ٿي، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ علائقي اندر امن امان بحال ڪري ايس ايڇ او کي ھٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.