پنوعاقل (ن ع آ) پنوعاقل ڀرسان وي آءِ پي گيٽ وٽ تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو آھي ، فوتي جي لاش کي موٽروي پوليس جا اھلڪار تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا ، جتي فوتي جي سڃاڻپ گھوٽڪي جي رُڪ فارم واسي صيف الله ڪلھوڙو طور ٿي آھي ، جنھن جي مڙھ کي قانوني ڪاروائي ڪرڻ بعد وارث گھر کڻائي ويا آھن.