مڪاني چونڊن جو اڄوڪو دنگل، ڪراچيءَ تي قبضي جي جنگ

تحرير: محبوب عباسي

هن پوري ملڪ اندر رهندڙ قومن يا طاقتن جو هر دور ۾ ٽارگيٽ ڪراچي ئي رهيو آهي،جڏهن به هن شهر اندر امن امان جي صورتحال هجي يا بدامني واري ڪهاڻي هجي ان ٻنهي پاسن کان ويندي معيشت جي بيهڪ کان ويندي ماڻهن جي چرپر ، ڳوٺن جي ترقي کان ويندي نئنن آبادين جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ کان ويندي هر معاملي جي پٺيان هن شهر تي حڪمراني عرف عام ۾ قبضي جي جنگ ئي هلي آهي، سڄي ملڪ جو معاشي حب ڪراچي هجڻ ڪارڻ هن شهر تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ غير مقامي ماڻهو به هٿ پير هڻندا آهن، خاص ڪري ڪراچي جي ميئرشپ واري ويڙهه هڪ اهڙي حد تي پهچي ويندي آهي جو ماضي ۾ مرڻ ۽ مارڻ تائين جا قصا به تاريخ جي رڪارڊ تي موجود آهن، ڪراچي ۾ جنهن وقت هر روز سئو سئو لاش ڪرندا هئا اهو وقت به هن شهر تي قبضي واري جنگ جو تصور ۾ر هيو آهي  ۽ اها ويڙهه مختلف وقتن تي تبديل ٿيندي رهي ٿي، ڪڏهن هٿيارن سان اها جنگ وڙهي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري غير قانوني طور تي پنهنجا ماڻهو آباد ڪري انهن جو مستقل پتو هتان جو لکرائي ووٽ وٺي وڙهي وڃي ٿي ته ڪڏهن معيشت تي قبضي کان ويندي مختلف سياسي غير فطري اتحاد جوڙي ان جنگ کي اڳتي وڌايو وڃي ٿو.

12 مئي واقعو به ان ويڙهه جو هڪ حصو ئي هيو جيتوڻيڪ ان ويڙهه ۾ سنڌي ماڻهو نشاني تي نه هئا ٻين قومن وچ ۾ اها ويڙهه هلي پر اسان جا سنڌي اهو تصور رکندي خاموش رهيا ته ٻين قومن جي ويڙهه ۾ اسان جو ڇا؟ اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جنهن ڌرتي جا اسان وارث آهيون ان ڌرتي تي معاشي ۽ سياسي حڪمراني لاءِ ٻه ٻيون قومون هڪ ٻئي سان جنگ جوٽي رهيون آهن اها اسان لاءِ ڪنهن ڳڻتيءَ کان گهٽ ناهي جو هو اسان کي ان شهر جو نه وارث ٿا سمجهن نه وري حڪمران ٿا سمجهن تنهنڪري وچ ۾ هڪ ٻئي سان پئي وڙهيا ان ڌرتيءَ تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ، هن وقت به  پوري سنڌ ۾ پر سڀ کان پهرين خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان اندروني ڳجهي جنگ وڙهي پئي وڃي جنهن ۾ سڀ کان پهرين ته غير قانوني ايندڙ ماڻهن کي کليل رستو ڪراچي جو ڏيکاريو پيو وڃي،اهڙي ريت ٻيا به کوڙ سارا حربا هلايا پيا وڃن.

پر هن وقت جيڪا سڌي جنگ هلي رهي آهي اها آهي ڪراچيءَ ۾ ميئر واري سيٽ تي جهيڙو،  هن وقت ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ميئرشپ جي سيٽ تي ظاهري طور چئن جماعتن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ، ظاهري طور تي اها هڪ ميئرجي سيٽ آهي پر پوري ڪراچي جي بجيٽ ۽ پوري ڪراچي کي هلائڻ لاءِ اها سيٽ ڪا معمولي ناهي جنهن ڪارڻ هن وقت جماعت اسلامي وڏي پئماني تي خرچ به ڪري رهي آهي، سوشل ميڊيا تي اشتهارن جي مد ۾ ڏسجي ته هنن سيٽ حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي اربين روپيا سيڙايا آهن، پوري ڪراچي اندر سائن بورڊ پڻ لڳايا ويا آهن نه رڳو اهي سمورا زور اها سيٽ حاصل ڪرڻ تي لڳائي رهيا آهن پر ايم ڪيو ايم جا سمورا ڌڙا به ان حوالي سان هڪ  ٿي ويا آهن تحريڪ انصاف به مختلف وقتن تي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي رهي آهي رڳو ڪراچيءَ کي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾  نه ته تحريڪ انصاف جي وفاق ۾حڪومت دوران هنن ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪرڻ ۾ هڪ به وس نه هلايو متان ڪنهن به ترقياتي رٿا جو اهي ماڻهو به فائدو حاصل ڪري وڃن جن هنن کي ووٽ ئي نه ڪيو هو.

هاڻي اهڙي سياسي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو ڇا ٿو سوچي ان تي اسان کي کليل نموني بحث مباحثو ڪرڻ گهرجي، سنڌي ماڻهو کي ڇا ڪرڻ گهرجي جو ڪراچيءَ ۾ حڪمرانيءَ واري سيٽ سنڌين جي هٿ وس اچي وڃي يا وري سنڌين جي ڪنهن جماعت کي هٿ اچي وڃي، پر سنڌين جو ان حوالي سان ووٽ ورهائجي ويندو، هڪڙا پ پ جي پاسي هوندا، هڪڙا پي ٽي آءِ جي پاسي هوندا هڪڙا جماعت اسلامي جي پاسي هوندا ائين ئي سنڌي ڄڻ ته ان جنگ ۾ پري پري کان تماشائي بڻجي  ڏسندي نظر ايندا ڄڻ ته هي ڪنهن ٻئي ديس مان آيا هجن ، پر  هن شهر اندر جيڪو آهي ئي سنڌين جو اتي ته مڪمل پوزيشن مضبوط سنڌين جي هجڻ گهرجي، ان حوالي سان ڪو به سنجيده بحث يا سرگرمي يا وري ڪا جاڳرتا نه هلي سگهي آهي.

هن وقت پيپلز پارٽي جي سياسي چير ڦاڙ ڪئي وڃي ته انهن مجموعي طور تي مٿن سياسي تنقيد ٿي سگهي ٿي پرڪراچي جهڙي شهر ۾ ان سياسي تنقيد جي آڌار تي ان جماعت مان هٿ ڪڍي ڇڏڻ به هڪ سياسي غلطي هوندي، پر جي وري به ڏٺو وڃي ته سنڌي ماڻهو هن وقت تائين پ پ جو ڪو سياسي متبادل به ته ٺاهي نه سگهيا آهن، ان ڪري ئي هو غير سنڌين جي جماعتن ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ورهائجي ويا آهن، فرض ڪريو جيڪڏهن اها سيٽ پي ٽي آءِ حاصل ٿي ڪري وڃي ته انهن جي سياسي سوچ پوءِ به اهائي هوندي ته سنڌي اسان جي جماعت ۾ آهن ئي نه پوءِ هو ڪاميابي کان پوءِ سنڌين کي ڪهڙي نگاهه سان ڏسندا جنهن جو اندازو ته سڀ ڪو لڳائي سگهي ٿو، ائين ئي جماعت اسلامي جي ڪاميابي سان به اهي سنڌين کي ان نگاهه سان ئي ڏسندا، جماعت اسلامي جو ته  منشور ئي اهو آهي ته فري ڪراچي، آزاد ڪراچي مطلب ته هو صوبي کان هن کي ڪٽڻ چاهين ٿا، باقي ايم ڪيو ايم جيڪڏهن ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته انهن جي روين جي به ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي انهن وٽ به ڳجهه ڳوهه ته ڇا ظاهر منشور به الڳ صوبي جو ئي آهي تنهنڪري هو ڪراچي جو اهڙو حال ڪندا جو الڳ صوبو ٺاهڻ بنا به پنهنجا اهي مقصد حاصل ڪري وٺندا.

سو جيستائين اوهان خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ پ پ جو متبادل نه ٿا ٺاهي سگهو تيستائين مڪاني چونڊن ۾ هر قسم جي سياسي مخالفت باوجود به پ پ کي سپورٽ ڪرڻ پنهنجي مجبوري ۾ شامل هجي ٿو، ان جا ڪيترائي ڪارڻ اهي به آهن ته هي جماعت  وري به سنڌين جي ئي سمجهي وڃي ٿي، سنڌ جي ٻين ننڍن شهرن ۾ کڻي اهي تجربا ڪري ڏسجن پ پ کي ووٽ نه ڏيڻ وارا، پر جيڪڏهن اهو تجربو پاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪيوسين ته ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪرندا،  ڇو ته اڄ تائين ڪنهن به سياسي جماعت سنڌ جي ماڻهن کي ڪا به اهميت نه ڏني آهي، پوءِ اوهان ن ليگ کان ويندي ، پي ٽي آءِ، متحده ۾ وڃي ڏسو جن وٽ سنڌين وڏو ڪم پڻ ڪيو پر آخر ۾ سنڌي احساس محرومي جو شڪار ٿيندي اهي پارٽيون ڇڏيندا رهيا آهن،پ پ کي مائنس ڪري جيڪڏهن پاڻ ڪراچيءَ ۾ ميئرشپ جي معاملي تي ڏسون ٿا ته ٻي ڪا به اهڙي جماعت ناهي جيڪا سنڌ جي خيرخواهه هجي، تنهنڪري نتيجي ان تي ٿو پهچجي ته ڪنهن مجبوري ڪارڻ پ پ ئي آهي جنهن کي ووٽ ڏيڻ سنڌين جي ڪراچيءَ ۾ مجبوري آهي ، ڪراچي مک شهر آهي جيڪڏهن هتي پ پ جو ميئر اچي وڃي ٿو ته وري به سنڌي ماڻهو ڪو نه ڪو سورس ذريعو ڪڍي ان عملدار يا بيوروڪريٽ تائين پهچي ويندو آهي جنهن ۾ ان جو ڪم هجي ٿو باقي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي جماعت جو ماڻهو اچي سيٽ تي ويهي ٿو ته پوءِ اهو سفارش وارو دڳ ۽ ذريعو به بند ٿي وڃي ٿو جو ان تائين پهچي سگهجي، ماضي ۾ ائين ئي ٿيو آهي ته هن شهر اندر جماعت اسلامي هجي يا ايم ڪيو ايم حڪمراني ملڻ کان پوءِ پنهنجي ماڻهن کي ئي نوازيو آهي، سيٽ ڪيو آهي، ادارن ۾ مقرر ڪيو آهي ڪراچي جي زمينن تي سودا ڪيا آهن ، ڪراچي ۾ ان چئن سياسي جماعتن  جي حمايت لاءِ جيڪڏهن سوچجي ٿو ته آخر ۾ پ پ ئي اهڙي جماعت بچي ٿي جيڪا ڪراچي لاءِ ٺيڪ رهندي.

تنهنڪري جيستائين سنڌي ماڻهو پنهنجو مضبوط سياسي متبادل نٿا ٺاهن تيستائين پ پ جي مقابلي ۾ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم يا پي ٽي آءِ تي ڀروسو ڪرڻ هڪ ٻيو سياسي آپگهات هوندو پوءِ اسان هڪ اهڙي صورتحال ۾ ڦاسي پونداسين جو اسان کي پ پ سان گڏ انهن جو سياسي متبادل به ڳولڻو پوندو تنهنڪري نئين تجربي کان بهتر آهي ته في الحال پاڻ کي ڪو مستقل جيستائين دڳ نٿو ملي تيستائين ڪراچيءَ ۾ ان پليٽ فارم تان ئي گذارو ڪرڻ گهرجي نه ته نئين تجربي سان ڀوائتا نتيجا نڪرندا ڀل ماضي جي تاريخ جو مطالعو ڪري ڏسو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.