دنيا جي تيز ترين انسان جي اڪائونٽ مان تيزيءَ سان ڪروڙين ڊالر گم!

ڪنگسٽن ( ويب ڊيسڪ ) جمائڪا جي عالمي شهرت يافته ۽ دنيا جي تيزي ترين ايٿيلٽ يوسين بولٽ جي اڪائونٽ مان ڪروڙين ڊالر گم ٿي ويا.

اولمپڪ ليجنڊ يوسين بولٽ جو اڪائونٽ سٽاڪس اينڊ سيڪيورٽيز لميٽڊ ۾ هو جنهن مان اِها رقم گم ٿي، پر اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو ته اِها رقم ڪيڏانهن وئي، ان جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب يوسين بولٽ اولمپڪس ۾ ڊوڙ مقابلن ۾ اٺ ڀيرا گولڊ ميڊل کٽي چڪو آهي، کيس اربع ڏينهن اِهو احساس ٿيو ته سندس انويسٽمنٽ اڪائونٽ ۾ ڪجهه مسئلو اچي رهيو آهي.

يوسين بولٽ جي مئنيجر نوجنٽ واڪر جو چوڻ آهي ته اوچتو تيزي سان رقم گم ٿيڻ جي حوالي سان سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

جميڪا جي فنانشل انويسٽيگيشن ڊويزن ۽ فنانشل سروسز ڪميشن به ان واردات جي جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.