دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مبينا جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله جي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ڌرين جي وڪيلن جي حتمي دليلن کانپوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 23 جنوري تي ٻڌايو ويندو.

ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت ٻين جوابدار نامزد آهن، انهن خلاف سچل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.

واضح رهي ته نقيب الله محسود کي 13 جنوري 2018 ۾ مبينا جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.