ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ليگ بِگ بيش ۾ امپائر اهڙي شاٽ کي ڇڪو قرار ڏئي ڇڏيو جو مخالف رانديگر ۽ شوقين مٿو کنڻ تي مجبور ٿي ويا.
بِگ بيش ليگ ۾ ميلبورن جي ڊاڪ لينڊز اسٽيڊيم ۾ ميلبورن اسٽارز ۽ ميلبورن رينيگيڊز وچ ۾ ميچ جاري هئي.
ميچ دوران ميلبورن اسٽارز جي بيٽر جو ڪلارڪ بيٽنگ ڪري رهيو ۽ بالنگ تي پروِل سيدلينڊ هو. ڪلارڪ هاءِ لينٿ بال تي زورائتي هِٽ شاٽ کيڏي، بال ايڏو مٿي ويو جو اسٽيڊيم جي ڇِت ۾ لڳي ڊائري ۾ اچي ڪريو.
IT’S HIT THE ROOF!!!
Lucky or not, it’s 6️⃣ in the book! #BBL12 | @BKTtires | #GoldenMoment pic.twitter.com/Y7AJJDxmNf
— cricket.com.au (@cricketcomau) January 14, 2023
امپائر ان شاٽ تي سڪسر جو اشارو ڪيو ۽ بيٽنگ سائيڊ کي ڇهه رنسون ملي ويون.
حقيقت ۾ ڊاڪ لينڊز اسٽيڊيم ۾ کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ ڇِت موجود آهي ۽ جنهن وقت اِها شاٽ کيڏي وئي ڇِت بندي هئي.
حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ميچ دوران اِهوواقعو هڪ ڀيرو نه پر ٻيهر به پيش آيو، ٻيو ڀيرو ميلبورن اسٽارز ئي جي بيٽر بيوو يبسٽر هڪ وڏي هٽ هنئي جنهن بعد بال روف کي ڇهي پِچ تي اچي ڪريو ۽ امپائر هن ڀيري ۾ ڇڪي جو اشارو ڪيو.
ان صورتحال دوران ڪمينٽيٽرز سان ڳالهائيندي ميلبورن رينيگيڊز جي ڪپتان ايرون فنچ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ٻئي سولا ڪيچ هئا پر انهن کي ڇهه رنسون قرار ڏنو ويو.