” هڪ دوست اکين ۾ ڳوڙها ڏئي هليو ويو“ شاهنواز ڏاهاڻي جذباتي ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ٽيم ۾ گهٽ پر پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽن سبب خبرن ۾ رهڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ ناهي ڏيندو  ۽ سندس پوسٽون هر ڪنهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائينديون رهنديون آهن.

هڪ ڀيرو وري فاسٽ بالر تازو ئي بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪيو آهي.

شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته هڪ دوست جنهن خوشيون آنديون، گذريل رات اکين ۾ ڳوڙها ڏئي هليو ويو.

شاهنواز ڏاهاڻي آسٽريليا سان واسطو رکندڙ شان ٽيسٽ سان پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.

واضح رهي ته شان ٽيسٽ جو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان فيبروري تائين معاهدو هو ۽ نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز سندس آخري اسائنمنٽ هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.