پنجاب اسيمبلي جو ٽٽڻ، عام چونڊون ۽ ملڪي حالتون

علي مردان چانگ ايڊووڪيٽ

وزير اعلي پنجاب پرويز الاھي اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ پنجاب اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. ن ليگ ناڪام ٿي يا پي ٽي آءِ ڪامياب؟ يا وري اڃا ڪا ٽئين قوت، جنھن جي مسلسل تجربن جي ڪري اڄ ملڪ جو ھي حال آھي جو ڪڏھن ديفالٽ ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو ته ڪڏھن ملڪ ھلائڻ لاءِ گهربل پيسا ئي نه ٿا بچن، نتيجتاَ دنيا آڏو ھٿ ڦھلائڻا ٿا پئجي وڃن.

پاڪستان ٺھڻ کان اڄ ڏينھن تائين مسلسل تجربن مان گذري رھيو آھي. اھڙا تجربا جيڪي ڏينھون ڏينھن ملڪ کي وڃن ٿا پوئتي ڌڪيندا پر تجربي ڪندڙن جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه ٿي سري. اھڙو ئي ھڪڙو تجربو 2018 ۾ ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ اڄ ھن حال ۾ آھي جو عوام ٻيو ته ٺھيو پر لپ اٽي لاءِ به پريشان آھي. مھانگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ان باوجود به اصل اقتدار ڌڻي اڃا تائين مھم جوئي کان نه ٿا مڙن، جنھن جو تازو مثال پنجاب اسيمبلي آھي. اچو ڏسون ته ھن نئين پيدا ٿيل صورتحال بابت پاڪستان جو آئين ڇا ٿو چوي.

آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 112 موجب گورنر وڏي وزير جي صلاح تي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيندو ۽ جيڪڏھن 48 ڪلاڪن اندر گورنر اسيمبلي کي نه ٿو ٽوڙي ته اسيمبلي پاڻمرادو ٽٽي ويندي.  آئين جي آرٽيڪل 224 موجب صوبائي اسيمبلي جي ٽٽڻ کانپوءِ گورنر وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي صلاح سان نگران وڏو وزير مقرر ڪندو. آرٽيڪل 224 موجب اسيمبلي ٽٽڻ جي نوي ڏينھن اندر عام اليڪشن ڪرائي ويندي. پنجاب اسيمبلي جي ٽٽڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ خيبر پختونخواھ اسيمبلي کي به ٽوڙي ڇڏيندي ۽ آئين موجب ٻنھي صوبن ۾ اليڪشن نگران حڪومت طرفان ڪرائي ويندي.

عمران خان پنھنجي وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ واري فيصلي تي قائم آھي ۽ پنجاب اسيمبلي ٽوڙائي اتحادي حڪومت تي پريشر وڌائڻ ۾ ڪامياب نظر اچي رھيو آھي. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته اتحادي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عام اليڪشن ڪرائڻ طرف ويندي يا رڳو پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ ۾ ئي صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن ڪرائي ويندي؟ ٻنھي صورتن ۾ بظاھر ايئن محسوس ٿي رھيو آھي ته پي ٽي آءِ ڪامياب ٿئي پئي ۽ اتحادي حڪومت ناڪام. ملڪ جون طاقتور ڌريون ھڪ طرف مختلف حربا استعمال ڪرڻ باوجود به عمران خان جي مقبوليت ۾ ڪا خاص گهٽتائي نه آڻي سگهيون آھن ۽ ٻئي طرف اھو تاثر پڻ ملي رھيو آھي ته سگهارين ڌرين اڃا تائين پي ٽي آءِ ۽ عمران خان مان مڪمل ھٿ نه ڪڍيا آھن.

پاڪستان جي سياست ۾ مسلسل تجربن جو نقصان رياست کي ٿي رھيو آھي ۽ نتيجتاَ عوام مھانگائي جي چيچڙي ۾ پيڙجي رھيو آھي. بجاءِ ان جي ته ھن ڏکئي وقت ۾ ملڪ کي صحيح لائن تي آڻڻ لاءِ سوچجي ۽ ملڪي معيشت کي ڪيئن ڪناري تي آڻجي ان بابت ڪي اپاءَ وٺجن ملڪ جا اصل اقتدار ڌڻي مسلسل ملڪ جي بقا ۽ سالميت سان کيڏي رھيا آھن.  پاڪستان جي  اقتداري سياسي پارٽين کي عوام سان ڪو سروڪار ناھي، اھي صرف پنھنجي ڪرسي بچائڻ جا جتن ڪري رھيا آھن ۽ مسلسل اسٽيبلشمينٽ جي ھٿن ۾ کيڏي رھيا آھن، جنھن جو مثال پي ٽي آءِ حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ آھي، جنھن ۾ سڀ سياسي پارٽيون استعمال ٿيون ۽ عمران خان جا ڪيل نقصان پنھنجي ڳچي ۾ فٽ ڪري ويھي رھيون. حڪومتي اتحاد اڄ تائين انھي غلطي جي سزا ڀوڳي رھيو آھي ۽ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رھيو آھي.

ٻئي طرف ملڪ جون حالتون اهڙيون آھن، جيڪي مسلسل خرابي طرف وڌي رھيون آھن. شھرن ۾ دھشتگردن جو راڄ آھي.  ڪٿي قانون نظر نه ٿو اچي، جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڪار لڳي پئي آھي. شھرن جا حال ڏسو ته ايئن لڳندو ڄڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گهري ننڊ ستل آھن. ڦورو، لٽيرا، چور، قاتل سڀ آزاد آھن. عوام جي واھر ڪرڻ وارو ڪير به ناھي. بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سبب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.  نيلسن منڊيلا جو چوڻ آھي ته ماڻھن کي انھن جا حق ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ انھن جي انسانيت کي للڪارڻ برابر آھي. عوام کي لاڳيتو ڌڪارڻ رياست جي ڳچي ۾ پئجي سگهي ٿو ۽ ڪٿي ايئن نه ٿي جو عوام جا ھٿ ھجن ۽ حڪمرانن جا گريبان ۽ عوام جڏھن اٿندو آھي ته ان کي ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.