مڪاني چونڊن لاءِ 70 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻ ممڪن ناهي:آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي انتظامن لاءِ 70 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ ممڪن ناهي. سنڌ حڪومت چيو آهي ته مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل معيار جي سڪيورٽي لاءِ پوليس نفري گهٽ آهي. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻڌايو آهي ته سڪيورٽي انتظامن ۽ موجود پوليس فورس بابت آگاهي ڏني آهي. آءِ جي غلام نبي ميمڻ موجب صوبائي اليڪشن ڪميشن هڪ به پولنگ اسٽيشن کي معمول موجب ڪليئر ناهي ڪرايو. ڪراچي ڊويزن ۾ ڪل 1340 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ترين جڏهن ته 3655 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح حيدرآباد ڊويزن ۾ به 1050 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 2874 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي ريت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪل 2 هزار 345 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس آهن جڏهن ته 6 هزار 532 حساس آهن. آءِ جي سنڌ  موجب اليڪشن ڪميشن جي ايس او پيز موجب حساس ترين پولنگ اسٽيشنن تي 8 اهلڪار ۽ 4 حساس پولنگ اسٽيشنن تي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ان فارمولي تحت ڪراچي ۾ 25 هزار 340 پوليس اهلڪارن جي ضرورت آهي جڏهن ته حيدرآباد ۾ 19 هزار 536 پوليس اهلڪارن جي ضرورت آهي جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن تي 44 هزار 876 پوليس اهلڪارن جي ضرورت آهي. غلام نبي ميمڻ  موجب ان کان علاوه مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ گشت ۽ ٻين تعينات لاءِ هزارين اهلڪار گهربل آهن. مڪاني چونڊن جي سڪيورٽي لاءِ مجموعي طور 69 هزار 854 پوليس اهلڪارن جي ضرورت آهي صوبي جي پوليس فورس مان 70 هزار پوليس اهلڪارن کي ڪڍڻ ۽ انهن کي رڳو چونڊ انتظامن لاءِ مقرر ڪرڻ ممڪن ناهي. آءِ جي غلام نبي ميمڻ موجب اليڪشن لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 4 ڏينهن مصروف رهڻو پوندو. اسان ظاهر نه ٿا ڪريون پر اها حقيقت آهي ته گذريل ڏيڍ مهيني دوران پوليس ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ 17 وڏن سڪيورٽي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.