ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ جي قوم پرستن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد(  ويب ڊيسڪ )  شماريات ڊويزن طرفان پهرين ڊجيٽل آدم شماري جي حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏني وئي آهي، چيف شماريات نعيم الظفر ٻڌايو ته سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو آهي.

نعيم الظفر چيو ته قومپرستن سان ملاقات لاءِ رابطو ڪيو آهي جلد انهن سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪري خدشا ختم ڪيا ويندا. خبر هجڻ گهرجي ته ڪيترا پرڏيهي رهن ٿا.

ڇهين آدم شماري ۾ سنڌ جي اعتراضن سبب نتيجا دير سان آيا، سيڪيورٽي فورس رڳو عملي جي سڪيورٽي لاءِ هوندي، ڳڻپ ۾ سندن مداخلت نه هوندي.

شماريات ڊويزن موجب خاطري سان چئون ٿا ته هن ڀيري آدم شماري شفاف هوندي، ڪنهن کي به اعتراض نه هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.