جيڪب آباد ۾ ضمانت رد ٿيندي جوابدار فرار، ڊوڙائي ڊوڙائي گرفتار

ٺل (رپورٽ:الهوڌايو ڀٽي) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت باهو کوسو ڀرسان زال مڙس جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن حاجي فيض محمد کوسو، جميل کوسو، شفيق کوسو ۽ عرض محمد کوسو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.جوابدار ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ عدالت کان فرار ٿي ويا پر پوليس بر وقت ڪاروائي ڪري جوابدارن کي ڪورٽ جي ٻاھران  ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو.گرفتار ٿيل جوابدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائي ھئي.ياد رهي ته ٽي سال اڳ نوجوان وقار کوسو کي گوليون هڻي لاش پلال ۾  وجهي ساڙيو ويو هو، جنهن ڪيس جي پيروي مقتول نوجوان جو پيءُ شاهڏنو کوسو ۽ ماءُ خورشيد خاتون ڪري رهيا هئا، جن کي ٻه هفتا اڳ رستي تان هٽائڻ لاءِ جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.