ملير ۾ سام طور ترسايل ناري سان لڄالٽ، جوابدار گرفتار

ملير(رپورٽ : جميل چانڊيو) ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ سام ٿي آيل ناري سان لڄالٽ جو واقعو پيش آيو آهي، ان حوالي سان هيومن رائٽس جسٽس اينڊ ڊفينڊر آرگنائيزشن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وومين ڊفينڊر فورم ملير جي آرگنائيزر ايڊوڪيٽ اسماءِ ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان ناري انور بيگم ڌيءِ غلام مصطفيٰ ابڙو پاران ڪال ڪري شڪايت ڪئي ته کيس هڪ شخص پاران لڄالٽ ڪرڻ بعد مون کي قيد ڪري رکيو ويو آهي اهڙي اطلاع تي اسان جي ٽيم ۽ علائقي پوليس ڄاڻايل هنڌ تي پهچي نوجوان ناري انور بيگم کي بازياب ڪرائي جوابدار شبير ابڙو کي پوليس حوالي ڪيو، بازياب ڪرايل ناري ٻڌايو ته مون کي سام ڪري شبير ابڙو نالي شخص حوالي ڪيو ويو هو جنهن منهنجي مجبوري جو فائدو وٺندي مون سان زبردستي لڄالٽ ڪئي ۽ ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو هن چيو ته منهنجي پيءِ 5 لک روپين جي عيوض جهٽ پٽ بلوچستان ۾ وڪرو ڪيو جتي مون کي مڙس سخت تشدد ڪندو هو جنهن بعد مان تنگ ٿئي ڪراچي پنهنجي مائٽن وٽ پهتس جتي منهنجي ڀيڻ جي معرفت ملير جي عدالت ۾ خلع لاءِ درخواست داخل ڪئي جنهن بعد منهنجي ڀائرن احمد ۽ سليم مون مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ مون کي سام طور سام طور شبير ابڙو نالي شخص حوالي ڪيو جنهن امانت ۾ خيانت ڪندي مون کي زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ مون کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع مون هيومن رائٽس جي اداري کي ڏني جنهن پوليس جي مدد سان مون کي بازياب ڪرايو آهي ۽ وحشي جوابدار کي حراست ۾ ورتو آهي، ٻئي طرف شاه لطيف ٽائون ٿاڻي تي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿئي سگهيو، ذريعن موجب جوابدار بااثر هجڻ سبب پوليس ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ٽال مٽول ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.