عثمان شاهه هڙي ۾ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، فصل تباهه، احتجاج

عثمان شاھ ھڙي ( ن ع آ ) عثمان شاھ ھڙي ويجھو يوسي ڊاسوڙي ، يوسي ميرآباد جي حد وارن علائقن ۾ چوماسي برسات دوران علائقي ۾  ھزارين ايڪڙ فصل تباھ ٿي ويا علائقي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف علائقي جي متاثر آبادگارن ۽ ھارين اسد قادر ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ مير آباد وايا عثمان شاھ ھڙي روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ان موقعي تي علائقي واسين ٻڌايو ته 5 مھينا گذري وڃڻ باوجود سندن علائقي مان برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ سبب سندن ھزارين ايڪڙ فصل سڙي تباھ ٿي ويا جنھن سبب علائقي جا جن جو جياپو زراعت آھي ھزارين خاندان متاثر ٿيا آهن جنھن سبب برسات جي ڪري ڪمند ، ڦٽي ، بصر  ۽ انبن جا باغ سڙي تباھ ٿي ويا پر ضلعي انتظاميا ٽنڊوالهيار پاران سواءِ واعدن ۽ دلاسن جي ڪجھ به نه ڪيو آهي جنھن ڪري علائقي جون ھزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن جنھن ڪري علائقي جا ھاري ۽ مزدور طبقو تباھ ٿي ويو آهي جڏهن ته برساتي پاڻي نيڪال  ٿيڻ جا لنگهه آھن جنن تي بااثر ماڻهن جا قبضا آھن انھن ضلعي انتظاميا ٽنڊوالهيار ۽ سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي آهي خدارا انسانيت ناتي برسات متاثرين آبادگار ۽ ھارين تي رحم کائي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل زمينن پاڻي نيڪال ڪرائي ماڻهن کي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.