کوکراپار ۾ ڦر ڪندي 2 جوابدار سوگها،مار ڪٽ بعد پوليس حوالي

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) شيدي ڳوٺ لڳ سڪڻ ندي وٽ ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کان هٿياربند 2 گاڏيون ڦري ٽئين گاڏي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن خلاف مزاحمت ڪندي نوجوان گاڏي مان لهي پيا اهڙي صورتحال کانپوءِ هڪ جوابدار موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو جڏهن ته ٻن جوابدارن کي نوجوانن ڊوڙائي ڊوڙائي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد شيدي ڳوٺ ۾ پڪڙي ون فائيو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي  ايس ايڇ او شاهه لطيف واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته اهڙو ڪوبه واقعو ڪونه ٿيو آهي جنهن جا جوابدار پڪڙي پوليس حوالي ڪيا ويا هجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.