رڪن ٻرڙا ۾ سستو اٽو نه ملڻ ڪري عوام بکن ڪاٽڻ تي مجبور، احتجاج، ريلي

رڪن ٻرڙا (رپورٽ؛حاجي قربان لغاري)  رڪن ٻرڙا  ۾ سستي اگھ تي اٽو نه ملڻ تي ايس ٽي پي اڳواڻ جان محمد ابڙو , محمد خان سھتو, نظير سولنگي , الطاف لغاري, خادم منڱريو , حبيب خاصخيلي, ساماڻو حاجاڻي جي اڳواڻي ۾ رڪن ٻرڙا جي  پيٽ بکايل  غريب مظلوم ماڻھو احتجاج جي صورت ۾ روڊن تي نڪري  پريس ڪلب رڪن ٻرڙا اڳيان سستي   اٽي لاءِ   احتحاجي مظاھرو ڪيو. احتجاجي مظاھري  دوران ايس ٽي پي اڳواڻ جان محمد ابڙو, محمد خان سھتو، الطاف لغاري, خادم منڱريو  ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ جي حڪمرانن ھن وقت  اٽو مهانگو ڪري رڪن ٻرڙا سميت سنڌ جي  غريب ماڻھن کان   ماني کائڻ جو حق به کسي ورتو آھي. اٽي جي مهانگي ٿيڻ ڪري ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ غريب مظلوم ماڻھو  پنهنجي ٻچن جي پيٽ جي بک ختم ڪرڻ ۽  سستي اٽي وٺڻ لاءِ اڄ در در جا ڌڪا کائي رھيا آھن، اسان ضلعي  انتظاميه  کان مطالبو ڪيون ٿا تھ رڪن ٻرڙا  سميت سڄي ضلعي ۾  سستي اٽي جا اسٽال لڳايا وڃي تھ جيئن غريب عوام کي رليف ملي سگهي ۽ انهن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ  کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.