کوکراپار ۾ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،نوجوان فوت

کوکراپار(ن ع آ) ميمڻ ڳوٺ لڳ هاشم جوکيو ڳوٺ موڙ وٽ تيز رفتار اڻ ڄاتل گاڏي موٽرسائيڪل سوار ٻن ڀائرن کي ٽڪر هڻي فرار ٿي وئي  حادثي سبب هڪ ڀاءُ 17 ورهين جو عزير ولد عبدالحئي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو ڀاءُ فضيل قادري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ان حوالي سان وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسپيڊ بريڪر نه هجڻ سبب روز ان روڊ تي حادثا ٿين ٿا اڳ به اتي 2 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن ٻئي طرف پوليس موجب حادثو ڪندڙ ڪار جي ڳولا جاري آهي. هوڏانهن فوتي نوجوان جي جنازي نماز هاشم جوکيو ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي ماڻهن پريس ڪلب جي صدر عبدالقادر درس، سماجي اڳواڻ ساجد غلام جوکيو، فاروق خاصخيلي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.