قمبر ۾ اٽي جي کوٽ خلاف ايس ٽي کي جو احتجاج

قمبر    ( ڊر ) قمبر ۾ ترقي پسند پارٽي مرڪز جي سڏ تي اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي امداد سومرو،الا بخش  جاگيراڻي،محمد عالم نوناري،ارباب جويو،ظفر الله جاگيراڻي،عمران خشڪ،آفتاب جاگيراڻي ۽ ٻين چيو سنڌ حڪومت سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جو بحران پيدا ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪري ڪروڙين رپين ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي اٽي لٽي جو نعرو هڻندڙ عوام جا دشمن ٿي ويا آهن غريب مسڪين پورهيت ٻن ويلن ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جو بحران ختم غريبن کي جيئن حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.