ڪشمير مسئلو سڄي دنيا ۾ اجاڳر ڪرڻو آهي: وزيراعظم

 

جده (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي قائداعظم اڳ ۾ ئي سمجهي ڇڏيو هو ته مسلمانن کي ڀارت ۾ پنهنجا حق نه ملندا، جيڪو اڄ مودي جي قدمن سان درست ثابت ٿيو آهي.

وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ پاڪستانين جي وفد سان جدي ۾ ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪشمير مسئلو سڄي دنيا ۾ اجاڳر ڪرڻو آهي، منهنجو سعودي عرب اچڻ جو مقصد به يو اين وڃڻ کان اڳ سعودي ليڊر شپ کي والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهه ڪرڻ آهي.

هن چيو ته اسان جا ڪشميري ڀائر ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهن، ڪشمير هڪ عالمي معاملو بڻجي ويو آهي ۽ سڄي دنيا اسان کي موقف کي تسليم ڪري پئي، او آءِ سي اسان جي حمايت ڪئي آهي، يو اين ۾ اهو اشو ڀرپور انداز ۾ اٿارينداسين.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي قرضن جي بار ۾ دٻيل معيشت ورثي ۾ ملي، ڏکيائين کي منهن ڏنو سين پر هاڻ هر شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، سيڙپڪاري کي هٿي پهرين ترجيح آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستانين لاءِ قانوني سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جيئن سيڙپڪارن کي تحفظ حاصل ٿئي، اسان جي حڪومت ڪاروبار ۾ سولائيون پيدا ڪري رهي آهي ته جيئن سيڙپڪارن جون ڏکيائيون ختم ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.