ڪراچي ۾ معمولي ڳالهه تان دوستن هٿان نينگر قتل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ويڊيو گيم کيڏڻ دوران جهيڙي ۾ نينگر مارجي ويو.

گلبرگ ٿاڻي جي حد محمد ڪالوني بلاڪ 12 ۾ پيالا هوٽل وٽ ويڊيو گيم ۾ ٽوڪن ڦاسڻ واري جي انتظار تان ٻارن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 13 ورهين جي راجو پنهنجي ٻن دوستن سان گڏجي 12 ورهين جي شاهزيب کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

تشدد سبب شاهزيب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب ٻار پاڻ ۾ دوست هئا، ويڊيو گيم کيڏي رهيا هئا ته ٽوڪن ڦاسڻ سبب واري جي انتظار تان سندن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران راجو پنهنجي ٻن اڻڄاتل دوستن سان گڏجي شاهزيب کي تشدد جو نشانو بڻايو.

پوليس ٻڌايو ته راجو ۽ سندس ٻئي دوست فرار ٿي ويا آهن، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.