پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي جو فيصلو، اچو ته مهم کي ڪامياب ڪريون

مقبول ملاح

موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير 14 آگسٽ کان اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي جو اعلان ڪندي چيو هو ته 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي کان پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لڳائي ويندي.  گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت  پڻ سڄي سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، هاڻي صوبي ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين جي تياري، ويڪرو ۽ استعمال تي پابندي لاڳو هوندي. سنڌ جي ماحولياتي کاتي پاران پابندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پلاسٽڪ بيگ جي تياري، ويڪرو ۽ استعمال سزا جوڳو ڏوهه آهي، قانون جي ڀڃڪڙي تي قاعدن تحت ڪيس، گرفتاري ۽ سزا ٿيندي، جنهن کانپوءِ ماحوليات کاتو پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال خلاف قانون تي عمل ڪرائڻ جو پابند آهي. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ جون ٿيلهيون نه صرف ماحولياتي آلودگي جو وڏو سبب آهن، پر ٿيلهيون ڪراچي جي سيوريج نالن جي بندش جو به هڪ سبب آهن. حڪومت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته شهري پلاسٽڪ بيگز  بدران، ڪپڙي، ڪاغذ يا ٿيلهي جو استعمال ڪن.

ان کان اڳ پنجاب حڪومت صوبي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ شاپنگ بيگز ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي پنجاب جي سمورن سرڪاري اسڪولن جي هيڊ ماسترن کي خط جاري ڪيو، جنهن ۾ اسڪولن ۾ شاپنگ بيگز ۽ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون استعمال ڪرڻ جي پابندي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. خط ۾ چيو ويو ته سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ سامان نه آڻي سگهندا، جڏهن ته ڪينٽين، ڪيفي ٽيريا ۾ به شاپنگ بيگز ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي هوندي. ۽ شاگردن ۽ توڙي والدين جي آگاهه مهم جي سلسلي ۾ اسڪولن جي عمارتن ٻاهران شاپنگ بيگز ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال نه ڪرڻ جا بئنر به لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. استاد کي ان جو پڻ پابندي بنايو ويو هو ته شاپنگ بيگز ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين خلاف ۽ ماحول دوستي تي ليڪچر ڏين ۽ شاگردن ۾  تقريرون ۽ تصويري مقابلا ڪرائين.

 

مون کي ياد آهي ته ٿيلهين جي استعمال کان اڳ جڏهن به سامان وٺڻ لاءِ وڃبو هو ته ڪپڙي جي ٿيلهي گڏ کڻي وڃبي هئي يا مارڪيٽ ۾ ملي ويندي هئي ۽ ان ۾ ئي سامان وٺي اچبو هو، پر هاڻي ڪپڙي جي ٿيلهي گڏ کڻي وڃڻ ممڪن ئي ناهي، مارڪيٽ ۾ به  موجود ناهي، پر جيڪڏهن پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي مڪمل پابندي لڳي وئي ته يقينن ڪپڙي جون ٿيلهيون مارڪيٽ ۾ ته اچي وينديون، پر ان جي قيمت اڪثر خريد ڪيل شين کان مهانگي هوندي. ملٽي نيشنل ڪمپنين  ته گهڻي حد تائين ڪاغذ جا ٿيلها استعمال ڪري رهيون آهن، پر اهي صرف ڪپڙن جي استعمال ۾ ئي آڻي سگهجن ٿا يا ملٽي نيشنل ڪمپنين جي پيڪنگ ئي اهڙي هوندي آهي ته هو سامان ڪاغذ جي ٿيلهي ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا، پر عام طور تي جيڪڏهن کير، دهي، گوشت، مڇي سميت اهڙيون مختلف شيون، جيڪي اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪپڙي يا ڪاغذ جي ٿيلهي ۾ کڻي وڃي نه ٿا سگهون، ان لاءِ مشڪل ٿي ويندو ته ڇا استعمال ڪجي، اهو سبب آهي ته حڪومت جي هن فيصلي کي ٻه طرفو ڏٺو وڃي ٿو، هڪ طرف پاڪستان ۾ خاص ڪري وڏن شهرن جي جيڪا ان ٿيلهين ڪري حالت آهي، اها اسان سڀني جي سامهون آهي، 100 سيڪڙو شهرين جي ڊرينيج جو مسئلو ان ٿيلهين ڪري ئي  ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف دڪاندارن توڙي خريدارن جو اهو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پلاسٽڪ جون ٿيلهيون استعمال نه ڪن ته ڇا ڪن.

حڪومت جي ان عمل کي اسان بهتر سمجهون ٿا، پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان تي عمل ڪير ڪرائيندو، اسان گذريل 40 سالن کان ٿيلهين جو استعمال ڪندا پيا اچون، ۽ دڪاندارن توڙي گراهڪ لاءِ ٿيلهين ۾ سامان کڻڻ انتهائي سولو عمل آهي، ڇا عوام ان تي عمل ڪندو.  سنڌ حڪومت ٿيلهين تي ته پابندي مڙهي ڇڏي آهي، پر ان جو متبادل ته ڪونه ڏنو آهي، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سڀ کان پهريان ان جو متبادل ڏنو وڃي ها  ته جيئن ٿيلهين تي پابندي مڙهڻ وقت دڪاندار توڙي عام ماڻهو ان کي استعمال ڪن ها. پر هن وقت به جيڪڏهن ٿيلهيون ٺاهيندڙ ڪمپنين يا فيڪٽرين تي مڪمل پابندي هوندي ته يقينن اهي مارڪيٽ ۾ نه اچي سگهندو ۽ نتيجن ان جو ڪو نه ڪو متبادل پيدا ٿي ويندو.

پر پاڪستان ۾ ڏٺو اهو ويو آهي ته جڏهن به ڪنهن شيءِ تي پابندي مڙهي وئي آهي ته صرف عوام کي ان جو پابند بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، نه ڪي ان کي ٺاهيندڙ فيڪٽرين يا ڪمپنين تي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ٿيلهيون ڪنهن نه ڪنهن ذريعي مارڪيٽ ۾ اينديون رهنديون ته يقينن ان جو استعمال به ٿيندو. بهرحال حڪومت جو اهو بهتر قدم آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ گهرجي، سڀ کان پهريان حڪومت جو فرض آهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين ٺاهڻ واري ڪمپنين کي مڪمل بند ڪرائي ۽ ماهرن کان راءِ وٺجي ته متبادل ڇا ٿي سگهي ٿو، جيڪي عام واهپي جي شين ۾ به استعمال ڪري سگهجن، ڇاڪاڻ ته پلاسٽڪ جي ٿيلهي جي دڪاندار خريدار کان قيمت وصول نه ڪندو آهي، پر جيڪڏهن ڪپڙي توڙي ڪاغذ جي ٿيلهي هوندي ته خريدار کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ جيڪڏهن پلاسٽڪ جي ٿيلهين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٺهيون ته ٻيهر ان کي هٿي ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.