مايونيز سان تيار ڪيل دنيا جي پهرين آئيسڪريم…!

ايڊنبرگ (ويب ڊيسڪ) مايونيز کي هونئن ته تکين شين سان کاڌو ويندو آهي ۽ مٺين شين سان گڏ کائڻ سان ان کان پاسو ڪيو ويندو آهي، پر تازو ئي مايونيز سان ٺهيل آئيسڪريم پيش ڪئي وئي آهي. اسڪاٽلينڊ جي هڪ اسٽور ۾ پيش ڪيل ان آئيسڪريم کي مايونيز سان ٺاهيو ويو آهي ۽ اها آئيسڪريم کائڻ ۾ ڪريمي محسوس  ٿئي ٿي.

شروعات ۾ ان آئيسڪريم کي گھڻو پسند نه ڪيو ويو، پر پوءِ ٽوئيٽر تي گھڻن ماڻهن ٻڌايو ته هو مايونيز کي ڪهڙي ڪهڙين شين ۾ استعمال ڪري چڪا آهن. هڪ واپيدار جو چوڻ هو ته هن مايونيز کي چاڪليٽ ڪيڪ ٺاهڻ ۾ اسعتمال ڪيو.

مايونيز سان ٺهيل آئيسڪري پيش ڪندڙ اسٽور ان اڳ به ڪيتريون ئي مختلف ذائقن جو شيون متعارف ڪرائي چڪو آهي.

اسنٽور انتظاميا موجب ذائقن جي تضاد سبب عجيب محسوس ڪرڻ باوجود ماڻهن ان آئيسڪريم کي ضرور چکڻ چاهين ٿا ۽ چکڻ کان پوءِ اها کين ضرور پسند ايندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.