سي پيڪ جي ڪجهه اهم رٿائن تي ڪم سست رفتاري جو شڪار

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي تازي چين دوري کان اڳ صدارتي آرڊيننس ذريعي سي پيڪ اٿارٽي جو قيام ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته اسلام آباد طرفان چيني اختيارين کي هڪ ڀيرو خاطري ڪرائي وئي آهي ته سي پيڪ منصوبن تي عملدرآمد کي سست رفتاري جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته گذريل هڪ سال دوران انفرااسٽرڪچر جا منصوبا مثال طور گوادر بندرگاهه ۽ اسپيشل اڪنامڪ زونز(ايس اي زيز) تي عملدرآمد ڪجهه ماهرن مطابق سست رفتاري جو شڪار آهي، بي بي سي موجب وزيراعظم طرفان سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جو اشارو هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڏنو ويو هو جنهن کي هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي قائم ڪيو ويو آهي، ناليواري معاشي تجزئي نگار ۽ ناڻي واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا مطابق چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ڪجهه اهم منصوبن تي ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي ۽ مدو پورو ٿيڻ باوجود ڪجهه منصوبا مڪمل نه ٿي سگهيا، هن چيو ته گذريل سال حڪومت ترقياتي خرچن ۾ 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪئي جنهن جي ڪري پاڪستان کي جيڪا رقم سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي خرچ ڪرڻي هئي اها جاري نه ٿي سگهي، گوادرماسٽرپلان جي باري ۾ ڪيترائي اجلاس ٿيا پر ان تي به ڪا باضابطا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، انهن سڀني ڳالهين تي چيني اختياريون پريشان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، منصوبابندي واري وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته حڪومت سي پيڪ جي سمورن رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، وزيراعظم جي چين دوري کانپوءِ انهن منصوبن تي عمل ۾ وڌيڪ تيزي ايندي، جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن کي آرڊيننس ذريعي اٿارٽي جي قيام تي اعتراض آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.