آسٽريليا پاڪستان کي ٽين ٽي ٽوئنٽي ۾ هارائي سيريز کٽي ورتي

پرٿ (اسپورٽس نيوز) پرٿ ۾ کيڏيل ٽين ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽرليا پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ٽن ميچن تي مشتمل پهرين ميچ برسات سبب ختم ڪئي وئي هئي. ٻي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي هارايو هو. پرٿ ۾ کيڏيل ٽين ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني،پاڪستان 8 وڪيٽن جي نقصان تي 106 رنسون ٺاهيون، افتخار احمد 45 ۽ امام الحق 14 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته پاڪستان جو باقي ڪو به بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو، خوشدل 8، حارث سهيل 8، بابر اعظم 6، عماد وسيم 6، رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عامر 9 ۽ محمد حسن 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. جواب ۾ آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان جي 12 هين اوور ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. ڪپٽان ايرون فنچ 52 ۽ڊيوڊ وارنر 48 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.