”ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪيو وڃي“

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪشمير اسٽڊي گروپ جي باني تي زور ڀريو آهي ته هو عالمي برادري سامهون والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪن.

ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب آمريڪا پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ڪشمير اسٽڊي گروپ جي باني فاروق ڪٿواري سان ملاقات ڪري والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏٺ ڪئي.

وزيراعظم عمران خان فاروق ڪٿواري تي زور ڀريو ته هو پنهنجي فورم کي استعمال ڪندي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن، انساني حقن جي پامالي ۽ سنگين ڀڃڪڙين کي وائکو ڪن ته جيئن مودي سرڪار جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: وزيراعظم عمران خان جو بيان تعريف جوڳو آهي: آمريڪا

واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي دوري کان پوءِ ڪالهه آمريڪا پهتو هو.

وزير اعظم سعودي ايئر لائن جي خاص اڏام ذريعي آمريڪا پهتو، آمريڪي دوري دوران هو ڊونلڊ ٽرمپ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو.

دوري جو مقصد والاريل ڪشمير جي صورتحال کي اجاڳر ڪرڻ آهي، وزير اعظم 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، جتي هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين بابت آگاهي ڏيندو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وزير اعظم عمران خان جي ملاقات 23 سيپٽمبر تي ٿيندي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر سان به ملاقات ڪندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ زلفي بخاري به وزير اعظم سان گڏ آهن، وزير اعظم جو قيام روز ويلٽ هوٽل ۾ هوندو، پاڪستاني سفارتخاني جو عملو به روز ويلٽ هوٽل ۾ موجود آهي.

پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وزير اعظم نفرت جوڳي نظريي جي خلاف پاڪ ترڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، محولياتي تحفظ تي پاڪ ملائيشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندو، امريڪا ۾ پاڪستان، ملائيشيا ۽ ترڪي جي ٽه ملڪي ڪانفرنس به رٿي ويندي.

وزير اعظم عمران خان عالمي ميڊيا ۽ ادارتي بورڊ جي ميمبرن سان به ملندو، امريڪا ۾ وڏي ٿنڪ ٽينڪ سان خطاب، انساني حقن جي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون به ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.