ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي وارو ريل جو بند ٽن مهينن کان غير فعال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻوڏ سبب متاثر ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ريل جو بند ٽن مهينن کانپوءِ به بحال نه ٿي سگهيو آهي.

ريلوي اختيارين موجب تريڪ متاثر ٿيڻ سب ٽن مهينن کان بولان ميل مسافر ٽرين جي سروس معطل آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب سيوهڻ جي يو سي بوبڪ، آراضي ۽ ڀان جي ماڳن تي ريلوي ٽريڪ متاثر آهي.

ريلوي اختيارن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ کي سيوهڻ کان دادو وچ م ٽن مختلف ماڳن تي ڪٽ لڳايو ويو هو جنهن سبب ٽرين جي اچ وڃ عير فعال آهي جڏهن ته ريلوي ٽريڪ جي بحالي جو مرمتي ڪم جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.