خيرپور مان نوجوان گم، عدالت ۾درخواست ، گهرو کاتي کي نوٽيس

خيرپور ( س ر ) خيرپور  جي نوجوان جي گمشدگيءَ وارو مامرو ،خيرپور جي جيلاني محلي جي رهواسي گم ٿيل نوجوان عبدالعزيز لانگاهه جي ڀاءُ ايڊوڪيٽ عبدالباسط لانگاهه پاران  ڀاءُ جي گمشدگي خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي، داخل ٿيل پٽيشن ۾ هاءِ ڪورٽ سکهر پاران سنڌ جي گهرو کاتي کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي گم ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، هاءِ ڪورٽ سکهر پاران نوجوان عبدالعزيز جي بازيابيءَ لاءِ ايس ايس پي خيرپور کي پڻ خاص هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ياد رهي ته جيلاني محلي جو رهواسي نوجوان عبدالعزيز اٽڪل هڪ مهيني کان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جي گم ٿيڻ جي اطلاع باوجود اي سيڪشن پوليس ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو، جنهن بعد گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ ايڊوڪيٽ عبدالباسط لانگاهه پاران هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.