ملڪ اندر سون جي اگهن ۾ وڏي لاٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه پنج ڊالر جي لاٿ سان 1761 ڊالرٿي ويو آهي.

مقامي واپار بازار ۾ به جمعي تي في تولو ۽ ڏهه گرام سون جي اگهن ۾ 400 رپيا ۽ 342 رپيا لاٿ ٿي آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي بازار ۾ في تولو سون جو اگهه گھٽجي هڪ لک 58 هزار رپيا ۽ ڏهه گرام سون جو اگهه به گهٽجي 135460 رپيا ٿي ويو آهي.

في تولو چاندي جو اگهه ڪنهن تبديلي کانسواءِ 1690 رپيا ۽ ڏهه گرام چاندي جو اگهه به ڪنهن تبديلي کانسواءِ 1448.90 رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.