اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر لاءِ 9 ورهين کان لالي پاپ، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) تعليم کاتي ۾2013ع دوران ٽيچر جي ڀرتي لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن کي 9 ورهيه گذرڻ باوجود آفر آرڊر نه مليا، سوين اميدوار آفر آرڊر  لاءِ  رلي رلي ٿڪجي پيا، مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪري ڇڏيو.گذريل ڏينهن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اميدوارن احتجاجي مظاهرا ڪري مطالبو ڪيو ته کين فوري طور آفر آرڊر ڏئي نوڪريون ڏنيون وڃن، بيروزگاري سبب هو سخت پريشان آهن.رپورٽن موجب ڪراچي ۾ بخت علي ميمڻ ۽ علي اصغر ميمڻ جي اڳواڻي ۾هڪ ڀيرو ٻيهر پريس ڪلب ٻاهران اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن گڏ ٿي پنهنجا حق گهرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هوڏانهن ميرپور بٺورو ۾ منصور زنئور، فاضل خاصخيلي، مجيب الرحمان ۽ ايس ٽي پي ضلعي صدر عبدالغني ملاح جي اڳواڻي ۾ اميدوارن صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. .ڪلوئي ۾ پريس ڪلب آڏو عباس نهڙي، ذوالفقار نهڙي، محمد اويس ۽ امداد علي جي اڳواڻي ۾اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٽنڊو باگو ۾ عابد علي ڀنڀرو، عبدالمالڪ.صديق سمون. اسد ميمڻ، بچل خاصخيلي ۽ محمد شڪيل جي اڳواڻي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.ٽنڊوآدم ۾ عاشق حسين، قيصر عمراڻي ۽ محمد علي چندريگر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي. مانجهند ۾ سجاد حسين ميمڻ، ارباب سڪندر علي ميمڻ، مختيار حاجاڻو ۽ ولي محمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس نوجوانن  آفر آرڊر نه ملڻ خلاف شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعري بازي ڪئي. سيوھڻ ۾ به اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس نوجوانن ڌمال چوڪ کان پريس ڪلب تائين ارشاد ڀٽي، پرويز سومرو، زاھد سومرو، عرفان ميمڻ، عبدالستار سولنگي، محمد بخش سومرو ۽ ڪامران سومرو جي اڳواڻي ۾احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي. ميھڙ ۾امتياز عادل سومرو، آفتاب چنو، معشوق جتوئي، صمد ٻگھيو، فياض سوھو ۽ گلبھار ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو.لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان اميدوارن محمد جمن عارباڻي، ماجد علي تنيو، سعيد تنيو، ڪاشف سمون، ذوالفقار علي ۽ احمد علي شاهه جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.رتي ديري ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن افضل حسين ٻپڙ، خالد حسين سومرو، فياض حسين سيلرو، ارشاد علي سومرو، منور علي انڙ، فرقان علي سومرو، عمران جلباڻي ۽ وهاب ڪنگو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.قمبر ۾ ڪامران ميمڻ، رفيق چچو، آڪاش ڪلوڙ، مقصود ميمڻ، جنيد تنيو، اصغر چانڊيو، مير محمد، ڪاشف تنيو، خورشيد تنيو ۽ امير فيصل جي اڳواڻي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي.ڪنڌڪوٽ ۾ممتاز شيخ، شاھد بجاراڻي، محمد کوسو، نبي بخش گولو، امداد قمبراڻي، محمد علي مرھيٽو ۽ رجب گولو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ميرپورماٿيلو  ۾ اعظم کٽياڻ، شاھزيب وسير، شاهد لغاري ۽ شھباز وسير جي اڳواڻي ۾ اميدوارن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.پنوعاقل ۾ ميان علي گوهر انڍڙ،آصف بلو، عبدالقيوم مهر، زاهد محمدي ۽ محمود مهر جي اڳواڻي ۾ اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.خيرپور پريس ڪلب اڳيان سعيد سولنگي، طاھر منور سولنگي، ذوھيب سومرو، عبدالحفيظ ڀيو، حبيب سنڌي، عبدالرحمان، عطاءُ الله سومرو ۽ غازي خان ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي.مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اميدوارن چيو ته 7 مهينا اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سندن حق ۾ فيصلو ڏنو، تنهن باوجود اسان کي آرڊر ناهن ڏنا ويا.هنن چيو ته اها ڪٿان جي ميرٽ آهي ته آءِ بي اي 33، 50 ۽ 55 پاس اميدوارن کي سليڪٽ ڪيو پيو وڃي ۽ اين ٽي ايس 60، 70۽ 80 پلس اميدوارن کي سليڪٽ نه پيو ڪيو وڃي.هنن چيو ته سنڌ حڪومت 2013ع ۾ اين ٽي ايس پاران ورتل ٽيسٽ ۾ پي ايس ٽي، جي اي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي جي ٽيسٽ ۾ 60 کان 97 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري، 9 سالن کان جاري ناانصافي جو خاتمو آڻي ۽ عدالتي فيصلن تي جلد کان جلد عملدرآمد ڪرائي. هنن چيو ته اڪثر اميدوارن جا گهر ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا آهن، کين آفر آرڊر جاري ڪيو وڃي، اسان مرڻ لاءِ  به تيار آهيون، ڪيترائي دفعا احتجاج ڪرڻ باوجود اسان کي لولي پاپ ڏنا پيا وڃن هاڻي اسان انهن جي ڪنهن به ڪوڙي دعويٰ تي يقين نه ڪنداسين ۽ پنهنجا حق وٺڻ تائين گڏ بيهنداسين.مظاهرين جو چوڻ هو ته 2 نومبر تي گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري چيو ته هڪ هفتي اندر اوهان جا سمورا جائز مطالبا مڃيا ويندا، جيڪو صرف لولي پاپ هو. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آفر آرڊر جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.