ڪرپشن جي ور چڙهيل ملڪي ادارا

مير ذوالفقار چانڊيو

رشوت،ڪرپشن،چانهھ پاڻي، مٺائي کارايو جھڙا لفظ ڀلي ننڍڙا ھجن پر حقيقت ۾ انھن ننڍڙن لفظن ئي سنڌ صوبي سميت پاڪستان جي ھر اداري کي تباھ برباد ڪري اُڏوھي جيان کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي پاڪستان جي ھر اداري ۾ ھر جڳهھ تي ڪرپشن جي بازار گرم لڳي پئي آهي جنهن ادارن جي اصليت کي ختم ڪري انھن کي ڪرپشن جو بازار بڻائي ڇڏيو آهي ملڪ جا صوبائي ادارا ھجن يا وري وفاقي کاتا ھجن ھر آفيس اندر ڪرپشن گھر ڪري ويھي رھي آھي راشي آفيسرن جي اشارن واري ٻولي چانهھ پاڻي گھڻن ادارن کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي مطلب ته انھن ادارن جي عزت حيثيت ختم ٿي رهي آهي .

منھنجي ذاتي تجربي مطابق سرڪاري ڪو ادارو يا آفيس نه بچي آهي جتي ڪرپشن نه ٿيندي ھجي يا چانھه پاڻي کان سواءِ ماڻھن جا مسئلا حل ٿيندا ھجن ايتري حد تائين جو ھاڻي پنھنجي جائز مسئلن جي حل يا ڪم ڪارن جي لاءِ  آفيسرن کي رشوت ڏيڻ لازم ملزوم بڻجي وئي آهي جنھن کان سواءِ ڪم ٿيڻ جو ڪو نالو نشان نه آهي.

اھڙي صورتحال ھجڻ ڪري غريب مسڪين ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن اُھو اِنڪري پريشان مجبور آهن ته سرڪاري آفيسن توڙي اسپتالن ٿاڻن ۾ انھن جا جائز مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ ويتر وڌي رهيا آهن آخر رشوت سرڪاري آفيسن ۾ لازم ملزوم ڇو بڻجي وئي آهي جتي غريبن کي پنھنجن جائز مسئلن جي حل لاءِ  ڌڪا ٿاٻا کائڻا پوندا آهن يا وري ڪٿي ائين به ٿيندو آهي ته ماڻهو پنھنجي آئيني قانوني جائز مسئلن جي حل لاءِ  ڳري رقم ادا ڪري پوءِ پنھنجو سرڪاري ڪم ڪرائيندا آهن جيڪو غريب عوام سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي ڪيڏي وڏي افسوس جي ڳالھه  آهي ته روزاني ڏھاڙي ڪمائيندڙ مزدور پنھنجي جائز ڪم ڪار جي حل لاءِ  لکين روپيا پگھار کڻندڙ اعلي آفيسر کي ھڪ ھزار يا پنج ھزار رشوت ڏئي پنھنجو جائز مسئلو حل ڪرائيندو آهي مطلب ته سنڌ سميت پوري ملڪ جي ھر اداري ۾ ھر جڳھه تي رشوت ڪرپشن جي بازار گرم لڳي پئي آهي آفيسرن طرفان ماڻھن کي پريشان ڪري انھن کان ڪنھن نه ڪنھن بھاني چانھ پاڻي جي نالي تي ڳري رقم وٺي کين جائز مسئلا حل ڪيا ويندا آهن منھنجي تجربي مطابق سرڪاري ڪو اھڙو ڪم نه آهي جنھن جي لاءِ  رشوت نه وررتي ويندي ھجي ھر جائز ڪم جي لاءِ  رشوت جو مطالبو ڪيو ويندو آهي جنھن کان پوءِ غريب مسڪين پنھنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ  رشوت ڏئي ڪم ڪرائيندا آهن جيڪو انھن غريبن جي لاءِ  بھتر ھوندو آھي پر افسوس آهي انھن آفيسرن تي جيڪي غريب عوام کي جائز مسئلن جي حل لاءِ  ٻنھي ھٿن سان لُٽي ڦُري رھيا آھن.

ان ڳالھه  ۾ ڪو وڌاءُ ناھي ته رشوت خورن سرڪاري ادارن آفيسن سميت غريبن جا گهر تباھ ڪري ڇڏيا آهن معاشري ۾  رشوت خوري وڌڻ ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال لڳو پيو آهي منھنجي اکين ڏٺو احوال آهي ته  برٿ سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ جي لاءِ  رشوت جي نالي تي 300 روپيا فيس ڏني ويندي آهي وري نادرا آفيس ۾ رش ھجڻ ڪري اتي به عام ماڻهو چانھه پاڻي جا پئسا ڏئي پوءِ وڃي ٽوڪن وٺي ٻارن جو بي فارم ٺھرائيندو آهي مطلب ته جائز ڪم ننڍو ھجي يا وڏو مسئلو ان جي حل لاءِ  رشوت ڏيڻ ضروري بڻجي ويو آهي جيڪو ايندڙ نسل لاءِ  وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو سو سنڌ اندر جيڪا تباھي بربادي ٿي رهي آهي يا عام ماڻهو ڏينھون ڏينهن غريب کان غريب ٿيندو پيو وڃي اعلي آفيسر مالدار بڻجي رهيا آهن ان جو وڏو سبب ڪرپشن ئي آهي جيڪو انھن کي مالدار بڻائي رهيو آهي.

وڏي ڳالھه  ته موجوده ٻوڏ واري صورتحال ۾ ڪرپشن جو زور ھجڻ ڪري غريب مسڪين ماڻهو راشن جي ڪٽي کان محروم ۽ پريشان بڻيل رھيا ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ آهي يان روڊ رستا کنڊر بڻيل آهن انھن جي سڄي تباھي صرف ۽ صرف ڪرپشن جي ڪري ٿي رھي آھي سياستدانن کان وٺي بيوروڪريسي عام ماڻهن جي رڪارڊ ڪرپشن ھجڻ ڪري سنڌ ۾ وڏي تباھي ٿي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.