سکر ۾ مزدرو تحريڪ پاران برسات متاثرن جي واهر لاءِ احتجاج

سکر ( رپورٽ: آزاد مهر ) پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ طرفان سکر لڪس پارڪ کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو سنڌ حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سکر، خيرپور، گهوٽڪي،  جيڪب آباد سميت مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ هارين ۽ هارياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن حاڪم گل مهر، علي نواز جلباڻي، عاطف خان، عظيم سومرو، علي گل، علي گوهر گبول، شاهين مهر، زاهده ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هن وقت به اسان جا علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ، گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، مليريا، ڊينگي، گيسٽرو سميت ٻين موذي بيمارين ڪر کنيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري رهيو آهي، انسانن سان گڏ جانورن لاءِ به کاڌ خوراڪ جي به شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، حڪومت سنڌ صرف اعلانن تائين محدود آهي، متاثرن کي نه کاڌو فراهم ڪيو ويو آهي نه ئي وري ٽينٽ مهيا ڪيا ويا آهن، تنهن ڪري متاثر پنهنجن ٻچن سان گڏ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، آبادگارن طرفان ورتل قرض معاف ڪيا وڃن، آبادگارن ۽ هارين کي بنا وياج جي قرض فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو ايندڙ فصل جي پوکائي ڪري سگهن ۽ ٿيل نقصان جو پورائو ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.