سنڌ اندر ايندڙ قدرتي آفتون ۽ مزاحمتي سياست جا امڪان

بشارت عباسي

ھڪ دوست سوال پڇو ته "دنيا ۾ ڪٿي به قدرتي آفتون ۽ وڏي پئماني جون تباھيون اينديون آهن ته انهن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪرائيسس جي ڪري وڏيون سياسي اٿل پٿل ۽ تحريڪون نظر اينديون آهن، اسان وٽ (سنڌ ۾) ايئن ڇو نه ٿو ٿئي؟” سوال تمام وقتائتو ۽ بھترين آهي، ۽ ان جو جواب ھي آھي:

  1. بر صغير ۾ (خاص طور 1857 جي جنگ آزادي جي ناڪامي کان پوءِ) انگريز سامراج جنهن قديم سامراجي پاليسي تي عمل ڪيو ان کي "Divide and rule” چيو ويندو آهي، يعني غلام ۽ محڪوم خطن جي ماڻهن جي اندر ثقافتي، مذھبي، لساني، ۽ قومي فالٽ لائينز کي وڌائي انھن بنيادن تي ڌارين حڪمرانن خلاف ٻڌي جي ھر امڪان کي ختم ڪيو وڃي ۽ ھڪڙي خاص سسٽم آف پيٽرونج تحت نئون جاگيرداري نظام متعارف ڪرايو وڃي جنهن اندر ھڪ طرف ھڪ ڪلائينٽ جاگيردار طبقو پيدا ڪيو وڃي جيڪو گوري سامراج لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ھجي، ٻئي طرف ھڪ ڪامپريڊار بورجوازي طبقو پيدا ڪيو وڃي جنهن جا تجارتي مفاد يورپي ميٽروپولٽن سامراج سان جڙيل ھجن.

ان  کان علاوه ميڪولي جي تعليمي پاليسين تحت ھڪ اھڙو تعليمي نظام جوڙيو ويو جنهن ۾ لوڪل ماڻهن اندر ھڪ احساس ڪمتري پيدا ڪئي وئي ته انگريز يا يورپي سامراج ھڪ غالب تھذيب آهي جيڪا سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ جديد علمن جي لحاظ کان اسان کان برتر (superior) آهي ان ڪري انهن جو دنيا کي ڪالونائيز ڪري غلام بڻائڻ فطري عمل ھو ۽ اسان ان ڪري يورپي تھذيب جا غلام بڻياسين جو اسان علمي ۽ تھذيبي اعتبار کان ڪمتر (inferior ) ھئا سين… مٿي ٻڌايل انھن سڀني فيڪرز جي ڪري بر صغير جي انھن انگريزي تعليمي نظام جي پيداوار مڊل ڪلاس يا پيٽي بورجوازي طبقي ۾ ھڪ ته تھذيبي احساس ڪمتري پيدا ٿي، ۽ ٻيو ته تاريخي ۽ تنقيدي شعور پيدا ئي ڪونه ٿي سگهيو جنهن کي استعمال ڪري ھو پنھنجي محڪومي ۽ پسماندگي جا اصل سبب ڳولھي سگهن ھا يعني ڪالونيل ازم ڪھڙي طريقي سان resource drain يعني معاشي ڦر لٽ ذريعي اسان کي پسمانده ۽ جاھل رکي اسان کي غلام بڻايو آهي.

ويھين صدي ۾ ان ئي جاھلانا انگريزي تعليمي نظام مان پڙھيل ڪند ذھن ۽ اٻوجهھ مڊل ڪلاس اندر جيڪي آزاديءَ جون تحريڪون اڀريون انھن ھتان جي مڊل ڪلاس ابدر ھڪ false pretty bourgeois national consciousness يعني آزادي جو ھڪ يورپي سامراجي نظريو پيدا ڪيو جنهن ۾ رڳو ڳالهه انگريز جي بر صغير مان وڃڻ ۽ سياسي خودمختياري جي ڪئي وئي، پر معاشي نظام تي ڳالهھ ئي ڪونه ڪئي وئي ته اھو ڪھڙو معاشي نظام اختيار ڪجي جنهن سان اسان حقيقي طور ڊي ڪالونائيز ٿيون ۽ يورپي سامراج جي معاشي غلامي مان به آزاد ٿي وڃون؛ مطلب ھتان جي پيٽي بورجوازي مڊل ڪلاس وٽ آزاديءَ مان مراد ڊي ڪالونائيزيشن بجاءِ ھڪ نام نهاد پيريڦرل نيو ڪالوني واري ھئي جنھن ۾ "قومي ترقي” ۽ ڊيولپمينٽ جو رستو سامراج جي سياسي ۽ معاشي نظام کي ڪاپي ڪرڻ ھو (يعني انگريز ۽ يورپي سامراج جي ترقيءَ جي راز بورجوازي طبقي جي جمھوريت ۽ انهن جو سرمائيداراڻو نظام آهي)، ھو اھا ڳالھه وساري ويٺا، يا ان مان واقف ئي ڪون ھئا ته مغرب جي سڃي معاشي ترقي ۽ انڊسٽريلائيزيشن جو راز ئي ڪالونيز جي ڦر لٽ ۽ resource theft ذريعي ٿي آهي.

آزادي کان پوءِ اسان ڪھڙو ميٽروپولٽن سامراجي نظام قائم ڪيون ھا جنهن ۾ اسان ٻين ملڪن کي ڪالونائيزيشن ذريعي پنهنجي مادي ترقي عمل ۾ آڻيون ھا جو اسان به مغربي سامراج وانگر ترقي ڪيون ھا؟ اھا ڳالھه ھتان جي طفيلي جاگيردارڻي ۽ سرمائيداراڻي نيشنل بورجوازي ۽ مڊل ڪلاس اٻوجھه پيٽي بورجوازي جي سمجھه کان ئي ٻاهر ھئي جو ان ڳالهه کي سمجهي سگهن ھا. انهن ئي سببن جي ڪري ھتان جي ڪامپريڊار رولنگ ڪلاس ۽ پيٽي بورجوازي مڊل ڪلاس قومي آزاديءَ جي ھڪ ڪوتاھ ۽ غلط شعور جو شڪار ٿيا جنهن اندر ھنن نيو ڪالونيل ازم ۽ نئي سامراجي معاشي غلاميءَ کي قومي آزاديءَ سان تشبيهه ڏيڻ شروع ڪيو يعني False National Consciousness; ان ئي سبب جي ڪري ھن وقت به بر صغير ۾ جيڪي محڪوم قومن جي آزاديءَ جون تحريڪون ھلي رھيون آهن اهي اصل ۾ قومي آزاديءَ جي ان ئي ماڊل کي فالو ڪري رهيون آهن جنهن ۾ ھو نيوڪالونيل ازم کي قومي آزاديءَ سمجهي رهيون آهن…

  1. ضياء الحق جي دور کان اسان جي روز مره جي عمومي مزاحمتي سياسي شعور کي (يعني طبقاتي ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد لاءِ سياست کي استعمال ڪرڻ ۽ سياسي جدوجهد جو دڳ اختيار ڪرڻ) کي تمام بي رحماڻي ۽ فسطائي انداز ۾ ڪچليو ويو ۽ سياست ۾ بي پناهه تشدد کي متعارف ڪرائي پڙھيل لکيل مڊل ڪلاس کي سياست کان متنفر ڪيو ويو.

80 ۽ 90 واري ڏھاڪي ۾ دنيا اندر جيڪي تبديلون آيون يعني سوويت يونين ۽ مشرقي يورپ اندر ڪميونسٽ بلاڪ جو ڪمزور ٿيڻ ۽ ٽٽڻ، چين ۾ ڊيگ زيائو پينگ جي مارڪيٽ ريفارم ۽ ٽين دنيا جي لِيڊر شپ تان دستبردار ٿيڻ سبب سڃي دنيا ۽ خاص ڪري ٽين دنيا جي ملڪن ۾ مزاحمتي سياست کي وڏو ڌڪ لڳو ۽ نيولبرل گلوبلائيزيشن جي نئين سامراجي نظام ذريعي نيوڪالونيل ملڪن اندر تاريخ جي انت ۽ طبقاتي مفاھمت واري سياست کي متعارف ڪرايو ويو. مشرف جي دور ۾ ان نيولبرل نظام جي ڪري ھڪ اھڙو مڊل ڪلاس پيدا ٿي جيڪا تاريخي ۽  شعور، نظرياتي سياست، قومي ۽ طبقاتي شعور کان وانجھيل ھڪ ھائبرڊ ڪلاس پيدا ٿيو جنهن کي متضاد شعور رکڻ واري ھڪ پوسٽ ماڊرن مڊل ڪلاس چئي سگهجي ٿو. اھو پوسٽ ماڊرن مڊل ڪلاس ھڪ شھري شعور رکڻ بجاءِ ھڪ ڪنزيومر وارو شعور رکي ٿو consumer rather than citizen  جيڪو سياست جي اجتماعي جدوجهد ۽ طبقاتي / قومي شعور کان وانجھيل آهي، ڇو جو ان ڪلاس جو شعوري تعلق قومي ۽ طبقاتي سياست ۽ ملڪ بجاءِ مارڪيٽ جي انفرادي زندگي، وڌ ۾ وڌ پيسو ڪمائي وڏو ڪنزيومر ٿيڻ ۽ موقعو ملڻ تي ڏتڙيل نيوڪالونيل ملڪ ڇڏي مغرب جي ميٽروپولٽن ملڪن ۾ ڊالر، پائونڊ، يا يورو ۾ پيسا ڪمائجن ۽ عياشي واري زندگي گذارجي، وري جي ان پوسٽ ماڊرن نيولبرل مڊل ڪلاس اندر جي سياسي شعور اچي به ٿو ته اھو ڪو قومي ۽ طبقاتي جدوجهد وارو نه بلڪه ھڪ نيولبرل لبرل سياسي شعور (يعني الٽو شعور) ته بھتر طرز حڪومت ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿئي ته اسان به مغرب وانگر ترقي ڪنداسين؛ اھو ئي اھو پوسٽ ماڊرن نيولبرل مڊل ڪلاس آهي جيڪو عمران خان جھڙي نيو لبرل پاپيولسٽ مداري جي سياست جو کاڄ بڻيل آهي.

  1. سنڌ ۾ گذريل چوڏھن سالن کان جنھن نيولبرل لبرل پي پي جي حڪومت آهي (جنهن 70 جي ڏھاڪي جي سوشل ڊيموڪريٽڪ سياست ختم ڪري 80 ۽ 90 جي ڏھاڪي ۾ نيو لبرل سياست جو آغاز ڪيو) ان جي سياست دشمن ۽ نيولبرل پِيٽرونج واري سياست سنڌ مان مزاحمتي سياست جو شعور ختم ڪري شھري ۽ ڳوٺاڻي سياست کي مڪل طور تي entrench يعني يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي؛ غريب ماڻهن کي سٺي تعليم ڏئي ۽ معاشي ترقيءَ ذريعي روزگار ڏيڻ بجاءِ ھنن کي خيرات ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي پينو بڻائي ان پيٽرونج سسٽم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. يعني ماڻهن مان مزاحمتي شعور ان حد تائين ختم ڪيو ويو آهي جو اڄ برساتن جي ڪري جيڪي ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ کلي آسمان ھيٺان ويٺا آهن اھي به حڪومت جي خيرات طرف ئي ڏسن ٿا، ڇو جو سنڌ جي ان ٻھراڙي جي ماڻهن کان مزاحمتي سياسي شعور کسي انھن کي مڪل طور تي غير سياسي ۽ بي حس بڻايو ويو آهي.

رھي سھي ڪثر 1980 ۽ 90 کان پوءِ سامراجي ملڪن جي پيٽرونج تحت ھلندڙ اين جي اوز پوري ڪئي آهي جن جو مقصد ٽين دنيا جي ملڪن ۾ مزاحمتي ۽ سامراجي سرمائيداراڻي نظام مخالف سياست جو خاتمو آڻي ماڻهن کي اھو باور ڪرائڻو آهي ته رياست (جيڪا فلاحي نه پر نيولبرل ٿي چڪي آهي) جو ڪم اوهان جي فلاح ۽ بھبود نه پر سرمائيدار طبقي جي مفادن جو تحفظ ئي ھوندو آھي، ان ڪري اوهان مزاحمت جي سياست اختيار ڪرڻ بجاءِ ملڪي ۽ بين الاقوامي خيراتي ادارن طرف ڏسو ته ھو قدرتي آفتن وقت اوھان کي ڪيتري خيرات ڏين ٿا  . انهن اين جي اوز جو ڪم به ٽين دنيا جي سماجن کي مڪمل طور تي مزاحمتي سياست کان پري ڪري، انھن جي دانشورن کي ڊالرن جي برسات ذريعي ڪرپٽ ڪري غير سياسي بڻائڻو ھوندو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن سماجن جا دانشور آرگينڪ دانشور بڻجڻ ۽ قومي طبقاتي جدوجهد ڪرڻ بجاءِ ڪرپٽ ٿي ٽين دنيا ۾ سامراجي مفادن جو تحفظ ڪندا آهن.

  1. نتيجو

اسان جي قومي ۽ طبقاتي سياست ڪرڻ واري ليفٽ جي ڌرين ۽ نوجوانن کي انھن معروضي حالتن کي مد نظر رکي پوءِ ڪا سياسي حڪمت عملي ٺاھڻ گھرجي ۽ ھنن قدرتي آفتن وقت عوام ۽ پيڙھيل طبقن سان نامياتي طور جڙي انھن اندر مزاحمتي شعور بيدار ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.