مٺياڻي ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو پکڙجي وئي، دوائون بليڪ تي وڪرو

مٺياڻي ( ن ع آ ) مٺياڻي ۽ ڀرپاسي گيسٽرو کانپوءِ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين کي صحت جون  صحولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واحد سرڪاري اسپتال جو مليريا يونٽ گذريل هڪ سال کان بند جنهن جو ڊي ايڇ او پڻ نوٽيس نه ورتو. مليريا ٽن ڏينهن جي دوران چار کان وڌيڪ جانيون ڳڙڪائي وئي، تيز بخار دوران ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا بيهوش موقعي جو فائدو وٺندي اسٽور مافيا پاران مليريا جي علاج ۾ ڪم ايندڙ ، آرٽيميٿر ، پيناڊول، بروفين غائب ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا ۽ ڳرين قيمتن عيوض پنهنجن من پسند ماڻهون کي ڏيڻ لڳا، صحت کاتو حصو پتي ملڻ سبب اگهور ننڊ ستل ڊي ايڇ او شڪايتن باوجود نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي اختيارين کان نوٽيس وٺي بليڪ تي دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽور مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ، اگر نوٽيس نه ورتو ويو ته ڪيتريون ئي انساني جانيون موت جي ور چڙهي سگهن ٿيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.