نوابشاهه ۾ پاڻي ڳوٺ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ عيسيٰ ڀٽي جي رھواسين پاران شھر جو پاڻي ڳوٺ ۾ ڇڏڻ خلاف جميل احمد، اشفاق احمد، سجاول، معشوق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميه پاران نواب شاهه شھر جو پاڻي اسان جي ڳوٺ ۾ ڇڏيو ويو آھي جنھن جي ڪري اسان جا گھر مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، ھنن چيو ته اسان ضلعي انتظاميه کي پاڻي جي نيڪالي لاءِ مسلسل چوندا رھيا آھيون ليڪن اھي اسان جي ھڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، ھنن چيو ته ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا شھر جي پاڻي جو رخ اسان جي ڳوٺ ڏانھن ڪري اسان کي ٻوڙائڻ چاھين ٿا جيڪا اسان ڳوٺاڻن سان ناانصافي آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ ڳوٺ کي وڌيڪ ٻوڙائڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.