ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ڊوميسائيل جو شرط ، شاگرد پريشان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪاليجن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جي مڪمل معلومات لاءِ ڊوميسائيل جو شرط رکي ڇڏيو، شاگرد داخلا کان وٺي امتحاني فارم ڀرجڻ تائين ڊوميسائيل جمع ڪرائڻ لاءِ پابند هوندو، ڊوميسائيل نه ڏيندڙ شاگرد امتحان ۾ ويهي نه سگهندا، خبر موجب سنڌ سرڪار جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي شاگردن جي مڪمل معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ ڊوميسائيل جو شرط رکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته شاگرد کي داخلا کان محروم نه ڪيو ويندو، شآگرد داخلا حاصل ڪري سگهندو پر کيس امتحاني فارم ڀرجڻ کان اڳ ئي ڊوميسائيل ڏيڻو پوندو، ڊوميسائيل نه ڏيندڙ شاگرد جو امتحاني فارم نه ڀريو ويندو، ان حوالي سان ڪاليج ايجوڪيشن جي هڪ عملدار جو چوڻ هو ته داخلا دوران ڊوميسائيل نه آهي ته اهو بي فارم به ڏئي سگهي ٿو، داخلا حاصل ڪرڻ کانپوءِ امتحاني فارم ڀرجڻ تائين کيس ڊوميسائيل ٺهرائڻ جو موقعو ڏنو ويو  آهي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي آن لائين داخلا تي ڪم ڪندڙ انچارج اسسٽنٽ ڊائريڪٽر راشد کوسو چيو ته تعليم کان ڪنهن کي به روڪي نه ٿا سگهون ڪنهن کي به ڊوميسائيل جي شرط تي داخلا کان منع نه ڪئي وئي آهي، هن چيو ته شاگرد ڪنهن به ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن ٿا، صرف رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ ڊوميسائيل جو شرط لڳايوويو آهي ته جئين معلومات ملي سگهي ته ڪنهن به ڪاليج ۾ ڪهڙن ڪهڙن ضلعن ۽ صوبن کان شاگردن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي آهي، هن چيو ته  داخلا کي شفاف بڻائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو ويو آهي، صوبي جي ڪاليجن ۾ گنجائش گهٽ آهي، ٻين صوبن جا شاگرد سنڌ ۾ گهڻي تعداد ۾ آهن جيڪي داخلا حاصل ڪن ٿا، انهن جي ڊيٽا ضروري آهي، هن چيو ته ڪوٽا تحت ٻين صوبن جي شاگردن توڙي پرڏيهي شاگردن کي به داخلا ڏني ويندي آهي، ان حوالي سان تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪنٽرولر عطا محمد ڪاڪا عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته  پرڏيهي شاگردن ۽ ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ ڊوميسائيل جو شرط آهي، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن ۾ داخلا سان بورڊ جو واسطو نه آهي، ڪاليج انتظاميا ئي شاگردن کي داخلا جا معاملا ڏسندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.