لاڙڪاڻو گومي ڀائي ليڊيز ڪلب جي اڳواڻن پاران ڪور ڪمانڊر ۽ ٻين جي شهادتن تي ڏک جو اظهار

لاڙڪاڻو ( ڊ ر) گومي ڀائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو جي صدر فريده پيچوهو, سيڪريٽري ڊاڪٽر سڪينه گاد, مصرت قاضي, سبروز ميمڻ, ڪلثوم. اي پي اي پروين ابڙو,  حميده چنداڻي,فخرنساءَ, زڪيه, شاهده سومرو, شازيه جلباڻي ۽ شازيه سومرو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ مصروف ڪور ڪمانڊر ڪوئٽا جنرل سرفراز احمد, لاڙڪاڻي سان تعلق آرمي ايوي ايشن جي هيلي ڪاپٽرجي پائليٽ ميجر سعيد تنيو ۽ ٻين فوجي آفيسرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي وڏو قومي سانحو آهي. شهادت ماڻيندڙ پاڪستان جو قيمتي اثاثو هئا

  • عثمان شاهه هڙي ۾ ڪارروائي، منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ

عثمان شاھه ھڙي (ن ع آ)گذريل رات دير سان عمرساند پوليس جي ڪاروائي پوليس عثمان شاھ ھڙي ويجهو مين ٽنڊوآدم روڊ تي پنجاپ کان ٽنڊوالهيار ايندڙ ٽرڪ نمبر E..7065 کي روڪي تلاشي ورتي ته بسڪٽن جي کوکن ۾ پيڪ  ٿيل 500 کان مٿي  منشات ۾ استمال ٿيندڙ سوپاري جو چورو جا ڪٽا هٿ ڪيا آھن. پوليس موجب سوپاري جي سان گڏ پنجاپ مان سنڌ لاءِ بسڪٽ۔ چپس۔ نمڪو سان ڀريل هئي عمرساند پوليس ٽرڪ ڊرائيور محمد احمد لاشاري کي گرفتار مٿس منشات آيڪٽ تحت ڪيس درج ڪري کيس عدالت ۾ ڪري جيل آماڻي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.