ڪنري ۾چوري خلاف احتجاج، متاثر ڌر تي ئي ڪيس داخل

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان ڏھ ڏينھن اڳ ڳوٺ محمود آباد مان ڳوٺاڻي سليم گجر جي گھران لکين روپين جي چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود سامان نه ملڻ تي ھڪ  ڏينھن اڳ ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪري ڌرڻو ھڻڻ تي ڪنري پوليس ڪيس جي فريادي سليم گجر سميت پي ٽي آئي ڪائونسلرن ۽ 50 کن ڳوٺاڻن تي روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. .ڄاڻايل جوابدارن ۾ چوري ڪيس جو فريادي سليم گجر، ڪيس ۾ شاهد سائينداد ڪپري، پي ٽي آئي جي ضلع ڪائونسل ميمبر فقير گل حسن خاصخيلي، يوسي ميمڻ ڪنري جو جنرل ڪائونسلر سومار خان رند، ڳوٺ جو چڱو مڙس علي محمد شاهي خان رند، غلام.  ربو ۽ 40 کان 50 نامعلوم شامل ڪيو ويو. جڏھن ته پوليس چوري جو سامان واپس ڪرائڻ بهاني فريادي سليم گجر کي گرفتار ڪري ورتو. 10 ڏينهن کن اڳ ياد رھي ته ڳوٺاڻي سليم گجر جي گهران لکين روپيہ روڪ ۽ سونا زيور چوري ٿيا ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آھي. چوري جو مال واپس ڪرائڻ لاء پوليس پاران تحرڪ نہ وٺڻ تي ڳوٺاڻن گذريل ڏينهن محمودآباد ۾ احتجاج ڪيو هو. ڊيوٽي اٽڪاء ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن ۾ علي محمد، شاهي خان ۽ ڪائونسلر سومار خان احتجاج ۾ شامل ئي نہ هئا پر ان باوجود سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. 4 ڏينهن اڳ چوري ڪيس جي جوابدار ڌر پاران سليم گجر وارن جي گهر اچي جهيڙو ڪيو جنهن ۾ ٻڍڙي نظيران گجر

  • ڪورنگي جي لکنو سوسائٽي  ۾آپريشن، ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ

ڪورنگي ( ن ع آ )  ڪورنگي  ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو آپريشن،  ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي حڪم تي لکنو سوسائٽي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ متاثر پريشان   سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪالهه جي روڪٿام واري ڪارروائي اڄ ٻيهر ڪئي.  پئي وڃي  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم پاران لکين ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ضلعي ڪورنگي جي ڊائريڪٽر ايس ايم ضياءَ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊيموليشن ٽيم آپريشن ڪرائي   سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غير قانوني اڏاوتون ٺاهيندڙ پنهنجي ماڻهن سان گڏجي ڪارروائي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن ضلعي ڪورنگي ايس ايم ضياءَ جو چوڻ هو ته خطرناڪ عمارتن ۽ غيرقانوني اڏاوتن کي ڊاهيو ويندو  خطرناڪ عمارتن بابت ضلعي انتظاميا کان به مدد گهري ويندي، ڊائريڪٽر ڪورنگي  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي ته شهر جي سمورين خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرايو ويندو

  •  گلزار هجري ڊرينيج جي پاڻي هيٺ، انتظاميا ٻوٽو نه ٻاريو

گلشن اقبال ( ن ع آ ) ڪراچي ضلعي اوڀر جي علائقي گلزار ھجري اسڪيم 33 وارو علائقو برساتي پاڻي ۽ ٽٽل ڊرينيج نالن جي پاڻي جي گھيري ھيٺ انتظاميا ٽٽل نالن جي مرمت توڙي برساتي پاڻي جي  نيڪال لاء قدم کڻڻ کان قاصر رھواسي سخت عذاب ۾ مبتلا ٿيل آھن ھڪ طرف انھن کي گوڏي جيڏي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو ۽ سندن ڪاروبار وڻ ٺپ ٿي ويو آھي . ٽٽل نالي ۽ برساتي پاڻي سان ٻڏل يونيورسٽي  روڊ ۾ ھڪ معصوم ٻارڙو ڪري پيو جنھن کي علائقي واسين ٻڏڻ کان بچائي ڪڍي ورتو اسسٽنٽ ڪمشنر سب ڊويزن گلزار ھجري نديم ڊي ايم سي اوڀر جي چيرمين رحمت اللـ شيخ ڊي سي اوڀر راجا طارق چانڊيو توڙي رين ايمرجنسي لاء وزير اعلي’ طرفان مقرر ڪيل فوڪل پرسن سعيد غني غائب بڻيل آھن جن روڊن مٿان بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ لاء ھن وقت تائين ڪو بـ قدم نـ کنيو آھي علائقي واسين وزير اعلي’ سنڌ سيد مراد علي شاھ کان گھر ڪئي تـ ضلعي اوڀر جي مختلف علائقن گلزار ھجري اسڪيم 33 سچل ڳوٺ ميمڻ نگر محمد خان ڳوٺ مدراس چوڪ يونيورسٽي روڊ سميت ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ٽٽل نالن جي مرمت ڪرائي عوام کي جانين جو تحفظ ڏنو وڃي واضح رھي تـ ڊرينيج نالا گٽرن جا منھن کليل ھئڻ سبب ڪنھن بـ وقت جاني حادثي جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

  • سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ واري موقف تي اتفاق

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عھديدارن جو اھم اجلاس حيدرآباد ۾ سولنگي ھائوس تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي جي صدارت  ۾ ٿيو ۔ اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر رخسانا پريت ، مرڪزي خزانچي مارو جمالي ، مرڪزي آڊيٽر سجاد ميراڻي ۽ مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو شرڪت ڪئي .۔  اجلاس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز شاھ طبيعت جي ناچاڪي سبب آن لائين اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۔ اجلاس ۾ 4 ڪلاڪ ڊگھي ۽ تفصيلي بحث مباحثي بعد سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي ھڪ ڪرڻ واري اصولي موقف تي سمورن عھديدارن گڏيل طور تي اتفاق ڪيو ۔اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي ھڪ ۽ متحد ڪرڻ لاء  اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل پاران حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي وٽ ھلي اچي  ملاقات کي مثبت ۽ سنجيده پيش رفت قرار ڏيندي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سندس سٿ جي قدم کي ساراھيو ويو ۔ اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي ھڪ ۽ متحد ڪرڻ لاء سڀني فيصلن   کي سنگت جي سپريم اداري سنڌ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس جي منظوريء تي اتفاق ڪيو ويو ۔اجلاس ۾ سمون مرڪزي عھديدارن طرفان سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي ھڪ ڪرڻ لاء اڳڀرائي ۽ ڳالھين کي جاري رکڻ ۽ فيصلي لاء سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊ ڪميٽي کي چونڊ شيڊول تبديل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي ۽ ساڳي وقت ٻئي سٿ جي ساٿين مان به اها ئي اميد ڪئي وئي ته هو به پنهنجو رکيل اجلاس ملتوي ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.