عالمي سطح تي تيل سستو ٿيو ته هتي به هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين: مفتاح

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو، ملڪ  کي مالياتي طور تي مستحڪم بڻائڻ سان ئي خودمختياري حاصل ڪري سگهجي ٿي، حڪومت ڏُکين حالتن ۾ متوازن، ترقي پسنداڻي ۽ عوام دوست بجيٽ ڏني، غريبن بجاءِ اميرن تي ٽيڪس جو بار وڌو آهي، حڪومتي قدمن سان ملڪ ۾ مالياتي استحڪام اچي رهيو آهي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌائي پاڪستاني معيشت کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. خميس ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف پريس رليز به جاري ڪئي آهي. بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ تي ڪابه اضافي ٽيڪس ناهي لڳائي وئي ۽ـ نه ئي غريب ماڻهوءَ تي ٽيڪس جو بار وڌو آهي، هن چيو ته ڪالهه چين پاڪستان لاءِ 2.3 ارب ڊالرن جو قرض منظور ڪيو آهي عمران خان غريب هجڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي، سندس 4 سالن جي دؤر ۾ کنڊ جي قيمت ڇو نه گهٽي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.