حيدرآباد ۾ انعام سنڌي جي گرفتاري ۽ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سڀا پاران تنظيم جي سربراهه انعام سنڌي جي گرفتاري ۽ سندس مٿان ڪيس داخل ٿيڻ سميت سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون حاڪم لغاري، شبير لغاري، مهراڻ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين ۽ انهن جي بازيابي سميت سنڌ جي مالڪي ڪرڻ تان سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام سنڌي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته سنڌ گذريل وڏي عرصي کان پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زراعت کي هٿ سان تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته انعام سنڌي تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.