ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڀارت ۾ مسلمانن تي تشدد جي مذمت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارتي اختيارين تي زور ڏنو آهي ته هو پيغمبر اسلام بابت گستاخاڻي بيان تي ٿيل مظاهرن ۾ طاقت جو اجايو استعمال نه ڪن.

ايمنسٽي انترنيشنل انڊيا بورڊ جي سربراهه آڪر پٽيل چيو ته ڀارتي حڪومت خاص طور تي انهن مسلمانن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي جيڪي پاڻ سان ٿيل ورتاءُ خلاف ڳالهائڻ ۽ پرامن طريقي سان پنهنجا اختلاف ظاهر ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا.

ڀارتي اختيارين طرفان طاقت جي اجائي استعمال، بنا ٻڌائڻ جي حراست ۾ وٺڻ ۽ جڳهين کي پٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون عالمي انساني حقن جي قانون ۽ معيارن تحت ڀارت جي وعدن جي مڪمل ڀڃڪڙي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايمنسٽي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته 10 جون تي ميڊيا هڪ واقعي جو اطلاع ڏنو جتي جهارکنڊ جي رانچي ۾ احتجاج دوران پوليس اهلڪارن کي لٺيون وهائيندي، پٿراءُ ڪندي ۽ واٽهڙن کي گوليون هڻندي ڏسي سگهجي ٿو.

هڪ ٻئي واٽهڙو کي پوليس بازار مان واپس ايندي ڇهه گوليون هنيون، پوليس 15 ورهين جي ٻار سميت ٻن مظاهرين کي مٿي ۾ گولي هڻي ماري ڇڏيو.

اولهه بنگال ۽ اتر پرديش جي رياستن ۾ به مظاهرن جا اطلاع هئا.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو ته هڪ پوليس آفيسر اتر پرديش جي سهارن پور ۾ حراست ۾ ورتل مظاهرين کي وري وري لٺيون هڻي رهيو آهي، ان وڊيو کي بي جي پي جي سياستدانن ۽ اڳوڻن پوليس آفيسرن وڏي پئماني تي شيئر ڪيو هو.

جيتوڻيڪ بي جي پي هلندڙ مهيني هڪ بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ شرما ۽ جندل جي بيانن کان وٿي اختيار ڪئي وئي هئي پر ماڻهو وزيراعظم جي خاموشي کي سواليا نشان قرار ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.