موسميات کاتي برسات جي خوشخبريءَ سان گڏ خبردار به ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڀاڻي شام کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ هوائون سڀاڻي شام کان هٿين علائقن ۾ داخل ٿينديون، 15 کان 23 جون دوران ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي.

موسميات کاتي موجب 16 کان 21 جون تائين اسلام آباد، راولپنڊي، جهلم، سرگوڌي ۽ خوشاب ۾ برسات جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ لاهور، حافظ آباد، منڊي بهاوالدين، سيالڪوٽ، شيخوپورا ۾ به برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 17 کان 20 جون تائين ملتان، ڊيرا غازي خان، ڀڪر ۽ ساهيوال ۾ مينهن وسي سگهي ٿو، 16 کان 17 جون جي تيز برساتن سبب راولپنڊي ۽ لاهور ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.

موسميات کاتي موجب 15 کان 22 جون تائين چترال، دير، سوات، ايبٽ آباد ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي، 15 جون تي پشاور، صوابي، نوشهرا، ڪرم، ڪوهاٽ ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان گڏ مينهن وسي سگهي ٿو.

15 جون تي وزيرستان، لڪي مروت، بنون ۽ ڊي آءِ خان ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته 17 کان 19 جون تائين سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي چيو آهي ته برساتن سان گرمي جي لهر گهٽجي ويندي، فصلن لاءِ پاڻي جي فراهمي بهتر ٿي ويندي پر جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ اوڀر بلوچستان ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا الرٽ رهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.