بجيٽ کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)   بجيٽ کي مڪمل رد ڪريون ٿا ـ آئي ايم ايف جي ھدايتن تي نوان ٽيڪس مڙھي غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو  آھي. حڪمرانن ملڪ کي عالمي مالياتي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آھي. دفاع جي نالي ۾ کربين روپيا ھڙپ ڪيا وڃن ٿا پر عوام جو ڪو بھ دفاع نٿو ڪيو وڃي. ملڪ جي عوام کي بدترين مھانگائي جي راڪاس جي حوالي ڪيو ويو آھي. اھڙو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جنرل نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي اڳواڻن چيو آھي تھ سنڌ جو پاڻي بند ڪري زراعت کي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي جنھن ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي. ملڪ جي، جي. ڊي. پي جي ريڙھ جي ھڏي وارو ڪردار ادا ڪندڙ زراعت جي تباھي سبب ھاڻي جي. ڊي. پي ٽيڪسن جي آڌار تي پئي ھلي جنھن ڪري مھانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ آئي آھي. جنھن مان واضع ٿئي تھ ملڪ ۾ مھانگائي ڪن مخصوص حالتن جي ڪري نھ بلڪھ حڪمرانن جي عوام دشمن ۽ پنجاب جي حڪمرانن کي نوازڻ وارين پاليسين سبب وڌي آھي. اڳواڻن چيو تھ ملڪ مان ڪچو مال حاصل ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ ملڪ جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن مٿان سڌيون ٽيڪسون مڙھڻ بدران پيٽروليم ۽ ٻين روزمرھ جي شين تي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس مڙھي، مھانگائي ۾ اضافو ڪري، موجودھ حڪومت اشرافيا کي مچائي مواڙ ڪري، عوام جي چيلھ وساھي ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.