ملڪي ترقي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو.

لاهور ۾ انڊس اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ کي گرينڊ ڊائيلاگ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان لاءِ اسان کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻيون پونديون.

هن چيو ته سٺا ماڻهو ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪن ته ان کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گھرجي، اسان کي پنهنجي وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ کان مٿانهون ٿي ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا، قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ذاتي انا کي مارڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته قرض تي رهندڙ ملڪ ڪيستائين جيئرو رهندو، هن وقت دنيا ۾ اسان کي سڀ کان اڳتي هجڻ گھرجي ها پر بدقسمتي سان اسان گھڻو پوئتي رهجي ويا آهيون.

وزيراعظم چيو ته صحت ۽ تعليم تي ڪا سوديبازي نه ٿيڻ گھرجي، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا آهن، جن ۾ پاڪستان سڀ کان اڳتي وڌي سگھي ٿو، معيشت مضبوط ڪرڻ لاءِ اگتي وڌڻو پوندو، ڇا 75 ورهين کانپوءِ به اسان سبق ناهي سکيو، هر شئي تي سياست ڪرڻي آهي؟

شهباز شريف چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت مونکي خبر آهي، ساڍا ٽي سال ملڪ ۾ جيڪو ٿيو، ان جو حساب وٺڻو آهي يا نه، يا رڳو مون کان حساب وٺڻو آهي، مان پنهنجي ٻن اڍائي مهينن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

هن چيو ته تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو دل تي پٿر رکي ڪيو، بجلي منصوبا موجود آهن پر تيل ۽ گيس مهانگي گھرائڻي پئجي رهي آهي، قومون صف بندي ۽ پلاننگ سان ٺهنديون آهن، جنهن لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي انٽرويو دوران وزيراعظم کي سياسي ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.