ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تياريون مڪمل، 2 هزار کان وڌيڪ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو، بلوچستان جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر فياض حسين مراد چيو آهي ته بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تياريون مڪمل آهن. 2000 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. حساس پولنگ اسٽيشنن لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويندو.