ڪراچي: مهراڻ ٽائون واسين جو گھر تي قبضي لاءِ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي جي مهراڻ ٽائون واسين پاران گھر تي قبضي لاءِ مبينا طور ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مهراڻ ٽائون جي 6 بي جي رهواسي عزيز الله ۽ حماد الله پنهنجي گھر ڀاتين سوڌو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته هنن مهراڻ ٽائون جي 6 بي ۾ واقع هڪ گھر  2013 ۾  خريد ڪيو هو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سيد حسن رضا نالي بااثر شخض 2017 کان مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته ڄاڻايل شخص گھر تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي گھر تي پوليس چڙهائي ڪرائي ماڻهو گرفتار ڪرايا، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ڪورنگي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪري داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.