پي ٽي آءِ جو سنڌ اسيمبلي پري بجيٽ سيشن گهرائڻ لاءِ خط

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ سيشن جلد گهرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ سيشن لاءِ جلد اجلاس گهرايو وڃي. سالياني بجيٽ اجلاس کان پهريان پري بجيٽ تي اسيمبلي ۾ نين اسڪيمن کي بحث هيٺ آندو وڃي. خط ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسيمبلي رول 28.2 مطابق ستن ڏينهن ۾ اسپيڪر اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي تنهن ڪري پري بجيٽ سيشن جي تاريخ جو جلد کان جلد اعلان ڪيو وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلن ۽ اڳڀرائي بابت کنيل قدمن کان اسيمبلي نمائندن کي آگاهه ڪري. خرم شير زمان جو چوڻ آهي ته اسان چاهيون ٿا ته اسپيڪر پري بجيٽ اجلاس گهرائڻ ۾ دير جو سبب ٻڌائي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.