سلطانپور ويجهو باهه، 11 ڳئون سڙي مري ويون، 5 مينهون سڙي زخمي

سلطانپور (رپورٽ: قربان علي مهر) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ عالم خان پتافي ۾ ڳوٺاڻي غلام ياسين پتافي جي گھر  ۾ قائم مال جي واڙي کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي آهي، باهھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻي جون 11 ڳئون  سڙي  مري ويون آهن جڏھن ته 5 مينھون سڙي زخمي ٿي پيون آهن، جنهن باھ تي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ جي ڪوششن تحت باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، باهھ ۾ 11 ڍور سڙي مري وڃڻ سبب متاثر ڳوٺاڻي جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي جنهن سبب کيس بيهوشي جا دورا پئجي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.