هر مهيني پيٽرول جي مد ۾ 102 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: مفتاح اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت پيٽرول تي في ليٽر 30 رپين جو نقصان برداشت ڪري رهي آهي، هر مهيني پيٽرول جي مد ۾ 102 رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته گذريل حڪومت بار اسان تي نه پاڪستان جي عوام تي وڌو آهي، جيڪو به واڌو پئسو خرچ ٿئي ٿو اهو اسان جي نه عوام جي کيسي مان وڃي ٿو.

هن ٻڌايو ته هر مهيني حڪومت وٽان 102 ارب رپيا ويندا، هر مهيني پوري حڪومت هلائڻ جو خرچ 45 ارب رپيا آهي، 102 ارب رپيا هر مهيني پيٽرول جي مد ۾ نقصان ٿي رهيو آهي، هي 102 ارب رپيا اسان کي مارڪيٽ مان قرض کڻڻو پوي ٿو، هي پئسا اسان وٺون ٿا ته خانگي سيڪٽر وٽ سيڙپڪاري لاءِ پئسا نٿا رهن، ايل سي نٿي کلي ته داليون، کاڄرو تيل ۽ ضروري شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون.

وفاقي وزير چيو ته 3 هزار ميگا واٽ ٻارڻ ۽ 2 هزار ميگا واٽ پاور پلانٽس مرمت نه ٿيڻ ڪري بند ٿيا، پي ايس او کي 500 ارب رپين کان وڌيڪ پئسا ڏيڻا آهن، ايس اين جي پي ايل ۾ 3 سالن ۾ 200 ارب کان وڌيڪ نقصان ڪري چڪا آهيون.

سندس چوڻ هو ته عمران خان حڪومت پنهنجي نااهلي جي ڪري گھڻا مسئلا  ڇڏي وئي، اسان پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي لاڳو نه ڪنداسين، عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ ٽڪراءُ هو، اڃا تائين پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ناهي ٿيو.

مفتاح اسماعيل چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رهن، عمران خان جي آءِ ايم ايف سان معاهدن جو بار اسان کڻي رهيا آهيون.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي معاهدي تحت پيٽرول جي قيمت 245 رپيا هجڻ گھرجي ها، پيٽرول جي قيمتن وڌڻ جا اثر عوام واهپي وارين شين تي به پوندا آهن، عمران خان آءِ ايم ايف سان پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جو معاهدو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.