ٽنڊوحيدر (ن ع آ) ٽنڊوحيدر لڳ فيض آباد هائوسنگ سوسائٽي ۾ نالي گل حسن ولد علي بخش خاصخيلي جو گهر اندر 24 ڪلاڪ پراڻو لاش مليو آهي گل حسن گهر ۾ اڪيلو رهندو هو قلفي وڪڻي پيٽ گذر ڪندو هو تقريبا 8 مهينا اڳ پنهنجي فيملي کان الڳ رهندو هو جڏهن ته گل حسن اصل ڳوٺ ٽنڊو بهاول جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاء سول هسپتال حيدرآباد موڪليو ويو آهي.