خيرپور۾وڪيل تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج، عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ

خيرپور( ڊ ر )خيرپور جي مشهور قانوندان ايڊوڪيٽ حفيظ الله چانڊيو خلاف قتل جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري عمل خلاف خيرپور بار جي وڪيلن عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪري خيرپور بار کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي بار جو جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ رئيس الطاف حسين مري،مهراڻ لائيرس فارم جو صدر ايڊوڪيٽ ياسر علي رند،ايڊوڪيٽ سميع الله رند ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن ٻڌايو ته ٽنڊومستي ٿاڻي جي پوليس ايڊوڪيٽ حفيظ الله چانڊيو مٿان قتل جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي جنهن سبب وڪيلن ۾ بيچيني پکيڙجي وئي آهي هنن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته حفيظ الله خلاف داخل ڪيل ڪوڙي ايف آءِ آر جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ روز جي  بنياد تي احتجاجي تحرڪ هلائي ويندي جنهن جي زميواري خيرپور پوليس تي هوندي. هوڏانهن قتل جي ڪيس جي الزام هيٺ آيل ايڊوڪيٽ حفيظ الله چانڊيو ٻڌايو ته  4 مهينا اڳ ربنواز چانڊيو جو قتل ٿيو هيو يا هو قدرتي موت سبب فوت ٿي ويو هيو جنهن واقعي جي اسان کي ڪابه خبر ناهي پر قتل ٿي ويل ربنواز چانڊيو يج عزيزن سان زميني تڪرار هلندڙ آهي ۽ هو بيگناھ پوليس کي پئسا ڏئي مون مٿان ڪيس داخل ڪريو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.