ملير ڪينٽ پوليس جون ڪارروايون، 3 جوابدار گرفتار

ملير (ڊ ر) ملير ڪينٽ پوليس جي مختلف علائقن ۾  ڪاروائيون، پوليس دوران گشت هڪ شڪي موٽر سائيڪل کي روڪي تلاشي دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري 1110 گرام چرس ۽ هڪ چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي دعويٰ، خبر موجب ٿاڻي ملير ڪينٽ پوليس مختلف علائقن ڪاروائيون جاري آهن پوليس دوران گشت هڪ شڪي گاڏي کي روڪي موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ڄڻن جي تلاشي ورتي ته موٽر سائيڪل سوار وٽان 1110 گرام چرس هٿ ڪري ورتو آهي جڏهن ته جوابدارن وٽان هٿ آيل موٽر سائيڪل پڻ چوري جي نڪتي جنهن جو پهريان ڪيس داخل ٿيل آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرنان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته ضلع ملير پوليس جون منشيات وڪرو ڪندڙ، اسٽريٽ ڪرمنل، ڦورو، چورن خلاف ڪاروائيون جاري آهن، ملير ڪينٽ پوليس دوران گشت هڪ شڪي گاڏي کي روڪي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري جوابدارن جي قبضي مان 1110 گرام چرس هٿ ڪرڻ سان گڏ چوري ٿيل موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪري ورتي آهي جڏهن ته چوري ٿيل موٽر سائيڪل ڪيس پهريان کان ٿاڻي ۾ داخل آهي، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.